سياسي منظرنامي ۾ مفاهمت ۽ ڇڪتاڻ اڪثر ساڳي ريت سان گڏ هلندي رهي آهي، جيئن ڏينهن ۽ رات هڪ ئي گردش جو حصو آهن۔ پاڪستان جي سياست ۾ جڏهن به ڇڪتاڻ پنهنجي انتها تي پهتي آهي، تڏهن ڪنهن نه ڪنهن ڏاهپ ۽ ضبط واري اڳواڻ مفاهمت جو در کوليو آهي۔ هن ڏاهپ ۽ برداشت جو سڀ کان نمايان روپ آصف علي زرداريءَ جي سياست ۾ نظر اچي ٿو اها سياست جيڪا صبر، گفتگو، ۽ وفاقي توازن جي حڪمت تي بيٺل آهي۔
زرداريءَ جي سياست جو فلسفو رڳو اقتدار تائين محدود ناهي؛ اها بقا ۽ وفاق جي بقا جي سياست آهي۔ جڏهن ملڪ جا ادارا ٽڪراءُ ۾ آيا، جڏهن جمهوري نظام دٻاءَ ۾ هو، ۽ جڏهن سياسي رياست صوبايت جي ڇڪتاڻ ۾ ورهائجي رهي هئي، تڏهن زرداريءَ پنهنجي “مفاهمت” جي بيانيي سان سياسي استحڪام جو نئون رستو کوليو۔ اها مفاهمت اصل ۾ ٽڪراءَ کي ختم ڪرڻ جو نه پر رياست کي مضبوط ڪرڻ جي حڪمتِ عملي هئي۔
ھاڻ اسين وينداسين پاڪستان ييپلز پارٽي ن ليگ وچ ھلندڙ ڊگھي مفاھمتي سياست ۾ هڪ ڊگهي وقفي کان پوءِ بلاول زرداري جي ان بيان تي اٿندڙ سياسي بيانن تي جنھن ۾ ھن پنجاب حڪومت کي ٻوڏ متاثرن خاص ڪري ڏاکڻي پنجاب ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ماڻھن جي سھائتا ڪرڻ وارو مشورو ڏنو و جنھن تان مريم نواز جو جيڪو تلخ جملن وارو جوابي بيان سامھون آيو ھو، تنھن پ پ جي قيادت کي نه رڳو رنجائي وڌو پر مريم جي بيان تي ٻين ن ليگ جي اڳواڻن جي پاسداري ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ ثابت ٿيو جنھن پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر صوبائيت جهڙي حساس موضوع تي تلخ ۽ تيز بيانن جملن واري بيانن جا دور شروع ڪيا ان کان پوءِ جيڪو تڪرار ۽ ڇڪتاڻ پيدا ٿيو آهي، جنھن ٻنھي پارٽين جي وچ ھڪ وڏو رفٽ پيدا ڪري ڇڏيو آھي ساڳي وقت پي ٽي آءِ قيادت پ پ کي مشورو ڏنو آھي حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ غير اعتمادي جي رٿ آڻيو، ان مسئلي نواز ليگ کي ٿورو پريشان ڪري وڌو آھي ان تي ٻنھي پارٽين جي وچ پوندڙ ڏار ۽ خدو خالن کي ڀرڻ ۽ پ پ جي ناراضگي کي گهٽائڻ لاءِ ڪوششون تيز ٿي ويون آهن
ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي گذريل رات وفاقي حڪومت جو هڪ وفد صدر آصف علي زرداري سان ملاقات لاءِ اسلام آباد کان نوابشاهه پھتو ان وفد جي اڳواڻي نائب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪري رهيو هو، جڏهن ته وفاقي وزير داخلا محسن نقوي به ساڻس گڏ هو. ايونِ صدر جي ترجمان موجب، ان ملاقات دوران ملڪ اندر ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ سياسي تبديلين تي تفصيلي ڳالهه ٻولھه ٿي آھي ۽ پاڪستان جي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويوآھي۔ پر سمجھڻ وارا سمجھن ٿا پيپلز پارٽي کي مريم نواز واري بيان ڏيڻ ۽ معافي نه وٺڻ سان ڪيڏي تڪليف ۽ پچتاءُ ٿيو ھوندو ڇوته پارٽي گذريل اليڪشن ۾ توڙي جو حڪومت ٺاھڻ جي پوزيشن ۾ ھئي ڪنھن ٻي پارٽي سان گڏجي حڪومت ٺاھي سگھي ٿي پر ھڪ گڏيل معاھدي جي پاسداري ڪندي پ پ ن ليگ کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو پاڻ ڪوبه عھدو نه ورتو انڪري مفاھمت جي بادشاهه آصف زرداري توڙي جو صدر آھي کيس ضرور ڏک رسيو ھوندو ڇوته ھن ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي وزير داخلا محسن نقوي کي ڪراچي طلب ڪيو هو ۽ اطلاع موجب، ٻنهي وڏين پارٽين جي وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار کي گهٽائڻ متعلق ڳالهه به ڪئي ھئي ان ئي وقت وزيراعظم شهباز شريف به لاهور ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف سان ڊگهي ملاقات ڪئي۔ جيتوڻيڪ انهن ملاقاتن جون تفصيليون ميڊيا تي ظاهر نه ڪيون ويون، پر سياسي تجزيه نگار ۽ مبصر انهن ملاقاتن کي تازي ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ ڏسي رهيا آهن۔
مون مٿي ذڪر ڪيو آھي ته اها سياسي “سرد جنگ ” شروع ڪيئن ٿي؟ ٻنهي وڏين پارٽين جي وچ ۾ موجودہ تلخيءَ جي شروعات پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ عالمي امداد جي اپيل جي سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي تجويز کان ٿي، جنهن تي سياسي مبصرن موجب هاڻي اهو تڪرار آهستي آهستي پنجاب بمقابله سنڌ جي صورت اختيار ڪندو پيو نظر اچي۔ڇوته مريم جي ان بيان تان نه رڳو پ پ قيادت پارٽي ورڪرن جي دل آزاري ٿي آھي پر پاڻي جي متعلق ڏنل بيان تان سنڌ ۾ رھندڙ ماڻھو خاص ڪري قومپرستن جي ڪاوڙ کي رد نٿو ڪري سگھجي، ڏٺو وڃي ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز هن سلسلي ۾ ڪيترائي اهڙا بيان ڏنا آهن جيڪي پيپلز پارٽي لاءِ نه صرف ناگوار گذريا آهن پر خاص ڪري ھن بيان پ پ کي گھڻو رنجائي ڇڏيو آھي ڇوته ھي بيان پ پ کي ننڍو ڪري ڏيکارڻ جي مترادف لڳي ٿو ان تي مريم نواز کان “معافي” جو مطالبو به ڪيو ويو، جيڪو هن رد ڪري ڇڏيو ان ڳالهه پ پ کي اڃا وڌيڪ ناراض ڪري ڇڏيو، پر جي ھوءَ رڳو سوري چوي ھا ته به اھڙي صورتحال پيدا نه ٿئي ھا جيڪا شھباز حڪومت کي لوڏي ھا پر منھنجي ذاتي خيال مطابق انهن ٻنهي رخن جي وچ ۾ زرداريءَ جي مفاهمتي حڪمت عملي اڄ به اهو درميانو پل آهي جيڪو سياست کي ٽٽڻ کان بچائي ٿو۔
زرداريءَ جو صبر سياسي مصلحت، مفاھت نه پر تاريخي تجربو آهي۔ هن ڄاتو آهي ته طاقت جا ادارا، صوبا، ۽ پارٽيون صرف ڳالهين ذريعي گڏ رکي سگهجن ٿا۔ هو ڄاڻي ٿو ته سياست ۾ هر سختيءَ جو جواب سختي سان نه پر نرميءَ سان ڏيڻ، هڪ حڪمت آهي ۽ اهو ئي بينظير جي سياست جو تسلسل آهي، جنهن ۾ مفاهمت کي جدوجهد سان گڏ رکيو ويو هو۔
اڄ وفاقي سطح تي بلاول ۽ مريم جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ، نئين سياسي دور جو اشارو ڏئي ٿي۔ جيڪڏهن اهو دور ’مقابلي‘ جي ميدان ۾ محدود ٿي وڃي، ته وفاقي توازن خطري ۾ پئجي سگهي ٿو۔ پر جيڪڏهن زرداريءَ جو مفاهمتي فلسفو ٻيهر مرڪز بڻجي ته اهو پاڪستان جي سياسي نظام کي نئين استحڪام ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو۔
زرداريءَ جي سياست جو سادگيءَ ۾ ڳوڙهو پيغام اهو آهي ته وفاق صرف طاقت سان نه ، پر صبر ۽ مفاهمت سان قائم رهندو ٻئي پاسي.ٻنھي جماعتن جي وچ ۾ شروع ٿيل اها تلخي پارليامينٽ تائين پهچي وئي آهي، ۽ ٻئي پاسي ڪجهه ڏينھن اڳ پيپلز پارٽي ٻنهي ايوانن مان احتجاجي بائيڪاٽ ڪندي چيو ته اسين اتحادي آهيون، غلام ناھيون، پر جتي تحريڪِ انصاف جي تعاون سان تحريڪِ عدم اعتماد جي ڳالهه سامهون آئي آهي، اھا جي شروع ٿي ته نٿو لڳي ن ليگ حڪومت وزن برداشت ڪري پنھجو وجود برقرار رکي سگھندي پر سياسي مبصرن ۽ ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن جي خيال ۾ ان جو امڪان تقريباً نه هئڻ جي برابر آهي۔ ڇو ته ھڪ طرف مريم جو بيان آھي ٻئي پاسي زرداري صاحب کي راضي ڪرڻ وارو سلسلو شروع ويو آھي ان ڪري نٿو لڳي ن ليگ اڳواڻ نواز شريف ۽ شھباز آصف زرداري کان ڌار ٿيندا ڇوته ھو ھاڻ کان ھر ممڪن ان ڪوشش ۾ آھن ته پ پ قيادت کي راضي ڪريون جيئن پراڻي سياسي حريف پي ٽي آءِ کي سياسي اسڪورنگ جو ڪو موقعو ملي نه سگھي