ٻوڏ اسان کي سمجهايو ته انسان ٿي رهو، دريائن کي وهڻ ڏيو: ڊاڪٽر حسن عباس

حيدرآباد(رپورٽر) ملڪ جي نامياري پاڻي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس چيو آهي ته 2025ع جي ٻوڏ اسان کي سمجهايو آهي ته انسان ٿي رهو, سائنس ان نتيجي تي پهتي آهي ته درياهه آڏو پيدا ڪيل رڪاوٽون هٽايو, ڊيم ختم ڪريو, آمريڪا سميت سڄي دنيا ڊيم ختم ڪري رهي آهي, سنڌو درياهه ڪڏهن به خشڪ نه رهيو, پر جڏهن کان ڊيم ۽ ڪينال ٺهيا ته سنڌو درياهه سڪڻ شروع ڪيو, درياهه جي موٽڻ سان فطري زندگي موٽندي, وڻ, ٻوٽا ٿيندا, پکي, پکڻ ۽ مڇي ٻيهر ملي سگهندي, دنيا دريائن جي صحت لاءِ پريشان آھي، دنيا دريائن جي ماحول کي بھتر ڪري رھي آھي. ھڪ لابي سمنڊ ۾ پاڻي جي ڇوڙ کي زيان قرار ڏئي ڊيمن ٺاھڻ لاءِ راءِ عامه جوڙي ٿي, انڊس ڊيلٽا کي پاڻي جي صورت ۾ واري ملي ٿي, پر سلٽ ڊيمن ۾ گڏ ٿئي ٿي جيڪا ڊيلٽا تائين نٿي پهچي, ان سلٽ جي ڪري تمر جا ٻيلا ٺھن ٿا سمنڊ جي والار رڪجي ٿي اھو قدرت جو نظام آھي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد روشن خيال فورم پاران "انڊس رور سسٽم: 2025ع جي ٻوڏ, سبب ۽ سبق” جي عنوان هيٺ ٿيل ويهڪ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ھن ليڪچر پروگرام ۾ مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ سياسي ڪارڪنن سميت سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر حسن عباس ڳالهائيندي چيو ته ڊيم درياءُ ناھن هوندا، درياءَ کي وھڻ ڏنو وڃي، درياهه اسان جي جياپي جي لاءِ ائين ئي ضروري آهي جيئن اسان جي جسم ۾ رت آھي، درياهه به ائين ئي وهندا رهندا آھن. هن چيو ته قدرت درياهه کي ٺاھيو آھي، ان کي ختم ڪرڻ جو ڪنھن کي به حق ناھي، سنڌو درياهه زندگي ڏئي ٿو، سنڌو جي جان ۾ اسان دخل اندازي ڪئي. هن چيو ته سنڌو ڪڏھن خشڪ ناهي رھيو، جڏھن ڊيم ۽ ڪئنال ٺھيا تڏهن سنڌو کي سڪايو ويو آهي، پاڙيسري ملڪ به ڊيم ٺاھي درياءُ جا  آڏو بند ٻڌا اھڙو ڪيس عالمي عدالتن ۾ وڃي سگھجي ٿو, ان ڪري مودي کي عالمي عدالت ۾ بيهاريو وڃي. هن چيو ته راوي ۽ ستلج تي ڀارت ڊيم ٺاھيا آھن, پاڻي روڪيو ويو آھي. هن چيو ته صاف پاڻي کي بند ٻڌي روڪي درياھه کي گدلو ڪيو ويو، چار گندا نالا موڪلڻ جي اجازت ڏني وئي، انڊس واٽر ٽريٽي ذريعي پاڻي روڪڻ جي اجازت ڏني وئي، گندو پاڻي ۽ گند سنڌ طاس معاهدي ذريعي موڪلڻ جي اجازت ڏني وئي، جنهن سان درياهه ۾ گدلاڻ پيدا ٿي، اسان کي گندي پاڻي واري عمل کي روڪڻو پوندو، ڏکڻ پنجاب گندي پاڻي کان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو. سنڌ طاس معاهدي ۾ گندي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ بابت ماھر وڪيلن کي عالمي عدالت ۾ وڃڻ گھرجي. گندي پاڻيءَ جي ڇوڙ بابت تحريڪ ھلائڻ گھرجي. هن چيو ته وڏن درياھن کي سوڙھو ڪري ڊيم ٺاھيا ويا آهن. پلون ٺاھي درياهه سوڙھا ڪيا ويا آهن. درياھن ۾ رھائشي اسڪيمون ٺاھيون ويون, پر پاڻي ماھرن نه ڏسيو ته ائين نه ڪيو. هن چيو ته سنڌ جا ماڻھو سمجھن ٿا ته ڊيلٽا ۾ پاڻي جو وڃڻ ڪيترو ضروري آهي. هن چيو ته آبادگارن کي نقصان کان بچائڻ لاءِ انھن جي فصلن جي انشورنس ھجڻ گھرجي.  آبادگارن کي فصل لاءِ پاڻي نٿو ملي جنهن ڪري سندن حالت خراب آهي. آبادگارن کي لازمي طور پاڻي ڏيڻ جو بندوبست ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته بيوروڪريٽ ڪڏھن به پاڻي بابت صحيح فيصلا نٿا ڪري سگھن. ڊيمن ۾ سلٽ کي ڪير به روڪي نه ٿو سگھي تربيلا ۾ به سلٽ گڏ پئي ٿئي. ڊيمن سان نه رڳو ڊيلٽا کي نقصان آھي پر درياھه جا فطري وھڪرا به رڪجن ٿا. هن چيو ته ڪچي جا ماڻھو ڪولين،ماڪوڙين جي چرپر کي ڏسي اندازو لڳائيندا آھن ته ٻوڏ اچي ٿي. انجنيئرنگ تي رڳو ڀاڙڻ بجاءِ فطرت جي اصولن کي اختيار ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته ھڪ ماڻھو گھر نٿو ڇڏي ته ريسڪيو ٽيمن کي ان جو بندوبست ڪرڻ گھرجي, اسلام آباد ۾ ويھي پاليسيون نه ٿيون ٺهي سگھن. پاليسي ٺاهيندڙن سدائين ٺيڪن خاطر وڏا منصوبا ڏنا آھن. دنيا جيان ھتي ۾ ائين ٿئي پيو. هن چيو ته دنيا وانگر وڏن منصوبن خلاف ھاڻ ملڪ ۾ جاڳرتا اچڻ شروع ٿي آھي. ھاڻ پابندين ذريعي عوام جي آواز کي روڪي نٿو سگھجي, ان جو مثال ڇھن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو ھجڻ آھي. اسان خواهشمند آھيون ته ھڪ ڏيئي سان ٻيو ڏيو ٻري پئي. هن چيو ته پاڻي آخري اميد آھي ان ڪري تازي پاڻي کي احتياط سان استعمال ڪرڻ گھرجي. پاڻي بابت گھڻي ذميواري سان قانون سازي ٿيڻ گھرجي. ھڪ لابي سمنڊ ۾ پاڻي جي ڇوڙ کي ذيان قرار ڏئي ڊيمن ٺاھڻ لاءِ راءِ عامه جوڙي ٿي. انڊس ڊيلٽا کي پاڻي جي صورت ۾ واري ملي ٿي ۽ اھا سلٽ ڊيمن ۾ گڏ ٿئي ٿي ان سلٽ جي ڪري تمر جا ٻيلا ٺھن ٿا سمنڊ جي والار رڪجي ٿي اھو قدرت جو نظام آھي. پاڻي جو ذيان جو ڪارڻ لابيون ٺاھين ٿيون. ٻوڏ جو پاڻي سمنڊ ڪري ضايع ٿيڻ واري ڳالھ ھڪ جاھل ئي ڪري سگھي ٿو. 21 هين صدي ۾ به شعوري ۽ لاشعوري طور تي سمنڊ جو پاڻي ضايع ٿيڻ وارو بيانيو ٺاھيو ويو آھي. درياءُ کي بچائڻ لاءِ ھاڻ کان ئي ڪوششون شروع ڪرڻ گھرجن. ماحولياتي تبديلين جي ڪري اھڙي جاءِ تي گھر ٺاهي ڏيو جتي ٻوڏ جو پاڻي نه پھچي. هن چيو ته ساريون پوکڻ گھرجن, ڪمند به ھڻڻ گھرجي,  ان مد ۾ پاڻي ڊيمن ۾ گڏ نه ڪجي ته اهي فصل ٿي سگھن ٿا. هن چيو ته اھي فصل پاڪستان جي ايڪسپورٽ آھي, چانور نه پوکڻ جي لابنگ پويان پاڙيسري ملڪ ملوث آھي. مئنجمينٽ کي ٺيڪ ڪرڻ گھرجي, چانور ۽ ڪمند پوکڻ ته ملڪ جي مفاد ۾ آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.