وزيراعظم جنرل اسيمبلي اجلاس دوران ٽرمپ سان ملاقات ڪندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف نيويارڪ ۾ شروع ٿيندڙ گڏيل قومنجي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٻين مسلم ملڪن جي اڳواڻن سان گڏ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندو. هن ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي بابت ڳالهه ٻولهه ٿيندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سان خطاب دوران وزيراعظم عالمي برادري تي زور وجهندو ته هو ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلن جو حل تلاش ڪن. ان کان علاوه، هو پنهنجي خطاب ۾ ماحولياتي تبديلي، دهشتگردي، اسلاموفوبيا، پائيدار ترقي، علائقائي صورتحال ۽ ٻين عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. هن دوري دوران وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ٻيا وفاقي وزير ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.