حيدرآباد: ڊاڪٽر حسن عباس چيو ته سنڌ جي جر جي پاڻي ۾ سينکيو آھي. تحقيق مان اهو ثابت ٿيو آهي ته زهريلن ڀاڻن ۽ زرعي دوائن ڪري پاڻي ۾ سينکيو وڌيو آھي. زراعت جو طريقيڪار تبديل ڪرڻو پوندو. سينکيي کي روڪڻ لاءِ تمام ذميواري سان ڪم ڪرڻو پوندو. نامياري پاڻي ڊاڪٽر حسن عباس ايندڙ سال ٻيهر اندازي کان وڌيڪ برساتون ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو ته درياھه ٻيھر وهي ايندا ۽ توهان کي رستا کولڻا ئي پوندا. ممڪن آهي ته ايندڙ سالن سانوڻ جون برساتون وڌيڪ سخت ھجن ۽ درياهه ايندڙ سال ٻيھر پنهنجي فطري وهڪرن سان زودار انداز ۾ وهي اچن. ڊاڪٽر حسن عباس چيو ته تبت جي ماڻھن جو مذھب ٻڌ مذهب کان به پراڻو آھي. تبت جا ماڻھو ڊيمن خلاف آھن, ھو چون ٿا ته چائنا ٿو ڊيم ٺاھي, چائنا ننڍو ڊيم ٺاھيو ۽ سنڌوء ۾ تبت مان پنج سيڪڙو پاڻي اچي ٿو اتي ڊيم سان وڏو فرق نه ٿو پوي.