موساد پاران قطر آپريشن جي مخالفت، نيتن ياهو خلاف سازشون؟

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ شاهد مسعود ۽ تجزئي نگار مشاهد حسين سيد ڳالهائيندي چيو آهي  ته ننڍو ملڪ وڏي ملڪ کي شڪست ڏئي سگهي ٿو، جيئن ويٽنام ڪيو. ڀارت جارحيت جي ڪوشش ڪئي، اسان به ان کي چٿي ڇڏيو. آمريڪا پهريان ايران کي دوکو ڏنو ۽ پوءِ قطر کي دوکو ڏنو، اهو مسلمان ملڪن لاءِ سبق آهي، اوهان آمريڪا تي نٿا ڀاڙي سگهو. آمريڪا اسرائيل جي مفادن کي ترجيح ڏئي ٿو. قطر تي اسرائيلي حملو آمريڪا جي مڪمل پٺڀرائي سان ٿيو. صدر ٽرمپ سميت آمريڪي حڪومت اسرائيل کي اشارو ڏنو، ڇو ته قطر ۾ آمريڪا جو سڀ کان وڏو فوجي اڏو العديد بيس موجود آهي، جتي 10 هزار کان وڌيڪ آمريڪي فوجي مقرر آهن. جيڪڏهن آمريڪا کي حملي جي اڳواٽ ڄاڻ نه هجي ها، ته قطري علائقي ۾ موجود آمريڪي فوج ان کي فوري طور روڪي وٺي ها. قطر جو اربين ڊالرن جو پيٽريئٽ ڊفينس سسٽم به ناڪام رهيو، جنهن تي سوال اٿيا آهن ته سڄو ڪنٽرول آمريڪي مرڪز وٽ هو. ساڳئي وقت اسرائيلي ڳجهي اداري موساد جي اڳوڻي سربراهه يوسي ڪوهن جو ڪتاب The Sword of Freedom به سامهون آيو آهي جنهن ۾ ايران ۾ ڪيل آپريشن، جنرل قاسم سليماني تي ٿيل حملي جي حوالي سان به انڪشاف شامل آهن. اهڙو ڪتاب پهريون ڀيرو اچي رهيو آهي، ڪتاب ۾ هو چوي ٿو ته هن ۽ سي آءِ اي چيف جينا هاسپل ايران ۾ آپريشن تي ويچاريو ۽ منصوبو اسان ٺاهيو ۽ ان بابت ٽرمپ کي ٻڌايو ويو، ان ۾ نيتن ياهو آن بورڊ نه هو، بعد ۾ ٽرمپ چيو ته نيتن ياهو وڏو ڪريڊٽ کڻي رهيو آهي پر اهو ته ان ۾ شامل ئي نه هو، پر اها ڳالهه اجائي لڳي ٿي. جينا هاسپل ٽرمپ جي پهرئين دور ۾ ترڪي ۾ به چيف آف اسٽيشن رهي هئي. ايران وٽان اسرائيل کي به مار پئي آهي تنهن ڪري هو ڏيکارڻ چاهين ٿا ته اسان ڪارناما ڪيا آهن. هي شايد پنهنجو پاڻ کي نيتن ياهو جو متبادل ظاهر ڪرڻ چاهي ٿو. اهڙيون ڪهاڻيون گهڻو ڪري پي آر مشق طور پيش ڪيون وينديون آهن ته جيئن اسرائيل پنهنجي ڳجهي اداري جي طاقت کي نمايان ڪري. اهو ڪتاب پڌرو اڃا ناهي ٿيو پر ان تي فلم به ضرور ٺهندي. ان کان 30 سال اڳ لکيو ويو هو ته ڀارت جا ايٽمي سائنسدان اسرائيل ۾ ٽرينڊ ٿيا، اهو موساد ايجنٽ هو. قطر ۾ موساد جا ايجنٽ هئا، انهن تي ترڪي نظر رکي رهيو هو. آمريڪا جي پٺڀرائي جي ڪري حماس قيادت قطر ۾ هئي ته جيئن نظر به رکي سگهجي. رپورٽن موجب، موساد هن آپريشن جي مخالفت ڪئي آهي، ڇو ته موساد ۽ قطر انٽيلجنس جو ويجهو واسطو آهي، قطر انٽيليجنس کين ڄاڻ به ڏيندي هوندي. هاڻي ته ڄاڻ جا ذريعا بند ٿي ويا هاڻي ڪير موساد، اسرئيل ۽ آمريڪا تي اعتماد ڪندو؟ اهو نيتن ياهو جو پنهنجو فيصلو هو ته مان گريٽر اسرائيل جي بدمعاشي ڪريان. سينٽ ڪام کي ان جي خبر هئي، آمريڪا جي ملي ڀڳت کانسواءِ اهو ممڪن ناهي. آمريڪا چيو ته اهو ڪري وٺو. آمريڪا جي وچ اوڀر ۾ پرڏيهي پاليسي ناڪام ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.