نيپال جي حالتن سان ”انقلابي جذبات“ جون تازيون ٿيندڙ يادون

تحرير: نصرت جاويد

ڪجهه ڏينهن اڳ مون سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير ڏٺي، جنهن ڪيترين ئي پراڻين يادگيرين کي تازو ڪري ڇڏيو. اها تصوير ڪنهن نيپالي اسڪول جي ٻارن جي هئي، جيڪي نڪرون واري يونيفارم پائي حڪومت مخالف مظاهري ۾ شرڪت ڪري رهيا هئا. سندن هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا، جن تي لکيل نيپالي مون پڙهي نه سگهيس. پر اها تصوير ڏسندي ئي مونکي اوچتو 1968ع ياد اچي ويو. جڏهن مان رنگ محل مشن هاءِ اسڪول لاهور جو شاگرد هئس. اسڪول ۾ يونيفارم لازمي هئي، پر مان حاضري لڳرائي، چوريءَ سان اسڪول کان ٻاهر نڪري ويندو هئس. پيدل هلندي انارڪلي بازار کان ٿيندو مال روڊ پهچي ويندو هئس. اميد هوندي هئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ يا ريگل چوڪ تي شاگرد يا وڪيل ڪنهن نه ڪنهن جلوس جي صورت ۾ ايوب خان جي حڪومت خلاف احتجاج ڪري رهيا هوندا. جيڪڏهن اهڙو جلوس ملي ويندو هو ته مان وڏي خوشيءَ سان ان ۾ شامل ٿي ويندو هئس. پنهنجي پوري ساهه سان نعرا لڳائيندو هئس. دل ۾ خيال آيو ته شايد نيپالي عوام جا احساس به ائين ئي هجن، جيئن اسان 1968ع ۾ ايوب حڪومت خلاف محسوس ڪندا هئاسين.

نيپال جي حقيقتن جو تجربو ڪرڻ جي بجاءِ، مان پنهنجي جوانيءَ ۾ داخل ٿيندي دل ۾ کلندڙ ”انقلابي جذبات“ جي ياد ۾ ئي گم ٿي ويس. اڃان ڪلاڪ به نه گذريا هئا جو سوشل ميڊيا جي ٻي پوسٽ مونکي اهو احساس ڏياريو ته نيپال انتهائي تيزيءَ سان ’انقلاب‘ ڏانهن وڌي رهيو آهي. انقلابي تبديليءَ جي ڳالهه ڪندي ميڊيا، خاص ڪري سوشل ميڊيا اهو به ٻڌايو ته هن تحريڪ جي اڳواڻي Gen-Z ڪري رهي آهي. اهو نسل 1997ع کان 2012ع جي وچ ۾ ڄائو آهي. انٽرنيٽ، سمارٽ فون ۽ سوشل ميڊيا جي هر پليٽفارم سان واقف آهي. آمريڪا ۾ سماجي روين جو جائزو وٺندڙ هڪ اداري جي تحقيق مطابق هي نسل روزانو 6 کان 7 ڪلاڪ سمارٽ فون ۽ سوشل ميڊيا تي گذاري ٿي. روايتي ميڊيا، رياستي ۽ سياسي ادارن تي اعتبار نه ٿي ڪري. مستقبل بابت پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري ٿي. دل ۾ کلندڙ جذبات کي سوشل ميڊيا تي طنزيه انداز ۾ ظاهر ڪري ٿي. انهن جي انداز مان ’ميمز‘ ٺهن ٿا، جيڪي جديد دور جا ڪارٽون سڏجن ٿا. پر هن نسل جو هڪ وڏو حصو پنهنجا جذبات انتهائي تلخ زبان ۾ بيان ڪري ٿو. انهن کي صحافين ۽ روايتي سياستدانن سان سخت نفرت آهي.

ذڪر وري نيپال جو ئي پيو ٿي. مان ڪيترائي ڀيرا صحافتي ذميوارين تحت نيپال ويس. اتي جا نوجوان سياست ۾ گهڻي دلچسپي وٺندا هئا. خاص طور تي ڪاليجن جون شاگردياڻيون، جيڪي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پرڏيهي صحافين جي مدد ڪنديون هيون، مونکي تمام گهڻو متاثر ڪنديون هيون. اهي شعر و شاعري يا فلمن بدران مارڪس، لينن ۽ مائوزي تنگ جا حوالا ڏينديون هيون. تحقيق ڪرڻ کان پوءِ خبر پئي ته نيپال ۾ ڪميونسٽ تحريڪ تيزيءَ سان مقبول ٿي رهي آهي. ان تحريڪ ئي بادشاهي نظام جو خاتمو آندو. نيپالي ڪانگريس کي سخت شڪست آئي. ڪميونسٽن اقتدار سنڀالڻ باوجود عوام کي مطمئن نه ڪيو. مختلف ڌڙا نڪري آيا، جن ۾ ’مائو نواز‘ سڀ کان سخت گير سمجهيا ويندا هئا. پر جڏهن اهي پارليامينٽ ۾ پهتا ته سڀ ڪجهه بدلجي ويو. حڪمران بڻجي اهي به دولت جي خواهش جا قيدي ٿي ويا. ڪجهه ڏينهن اڳ تائين نيپال جو وزيراعظم خاد پرشاد شرما اولي هو. هو ننڍپڻ کان ڪميونسٽ تحريڪ سان جڙيل رهيو، ۽ انهيءَ سبب کيس 14 سال قيد به مليو. بعد ۾ بادشاهه معاف ڪيو. 2021ع ۾ کيس خبر پئي ته گڏيل حڪومت کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. پر گڏيل حڪومت جي مجبوري کان تنگ اچي 2023ع ۾ اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيائين. نيپال جي سپريم ڪورٽ ان کي غير آئيني قرار ڏنو. اسيمبلي جي بحال ٿيڻ کان پوءِ به اولي ٻيهر وزيراعظم بڻجي ويو. پر اقتدار بچائڻ لاءِ هن ڪانگريس ۽ مائو نوازن سان گڏجي حڪومت جوڙي، جنهن بعد پارلياماني مخالف ڌر ختم ٿي وئي.

مخالف ڌر جي غير موجودگيءَ ۾ هڪ نوجوان گلوڪار، بلندرا سنگھه (جوبالن نالي سان مشهور) پنهنجي انقلابي نغمن سبب عوام ۾ مقبول ٿي ويو. 2023ع ۾ هو آزاد اميدوار طور ڪٺمنڊو جو ميئر چونڊيو ويو. عمر رڳو 35 سال هئي. انجنيئرنگ پڙهيل هو. هن شهر ۾ ڪوڙين جي ڍير کي ختم ڪري جديد طريقي سان صفائي ڪرائي ۽ سياحن لاءِ تاريخي ماڳن کي وڌيڪ پرڪشش بڻايو. هن سبب هو عوام ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو، ۽ هاڻي ڪيترن جو خيال آهي ته ملڪ کي سنڀالڻ لاءِ کيس عارضي وزيراعظم بڻائي سگهجي ٿو.پر اولي کي عوام جي نفرت سبب ملڪ ڇڏڻو پيو. سڄي عمر غريبن جو دوست بڻيل ڪميونسٽ اقتدار ۾ اچي عيش پرست ٿي ويو. پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ ڪانگريس ۽ مائو نوازن جا اهي ئي اڳواڻ شامل ڪيا، جن تي بدعنوانيءَ جا سنگين الزام هئا. ملڪ ۾ سخت غربت آهي، هر سال لڳ ڀڳ اٺ لک ماڻهو روزگار لاءِ ٻاهر نڪرن ٿا. لکين نيپالي ڀارت جي رياستن ۾ ذلت ڀري مزدوري ڪن ٿا. پر حڪمران طبقي جي ٻارڙن لاءِ آمريڪا ۽ يورپ ۾ اعليٰ تعليم جون سهولتون هيون. انهن جي عيش عشرت ڀرين زندگين جون تصويرون جڏهن سوشل ميڊيا تي ظاهر ٿيون ته Gen-Z نوجوانن ۾ نفرت وڌيڪ وڌي وئي.حڪومت ان تنقيد کان تنگ اچي سوشل ميڊيا جا لڳ ڀڳ 26 پليٽفارم بند ڪيا. جنهن بعد ماڻهو پنهنجن پيارن سان به رابطو نه ڪري سگهيا. ان خلاف جڏهن نوجوانن احتجاج ڪيو ته پوليس مٿن فائرنگ ڪئي. 19 ڄڻا مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿيا. پر حڪومت جي ظلم به تحريڪ کي روڪي نه سگهيو. ڪيترائي وزير هيلڪاپٽر ۾ چڙهي ملڪ ڇڏي ويا. سندن گهرن کي نوجوانن باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو. هڪ اڳوڻي وزيراعظم جي گهر ۾ لڳل باهه سبب سندس زال مري وئي. اڳوڻن وزيرن کي روڊن تي ڪڍي ذليل ڪيو ويو. نيپال جي حالتن تي غور ڪجي ته لڳي ٿو، حڪمرانن جي سالن جي لاتعلقيءَ جو نتيجو ئي اهو آهي. پر منهنجو خيال آهي ته احتجاج جڏهن پرامن نه رهي ٿو ته بربريت ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. اهڙي ابتري رياست جي ادارن ۽ حڪمرانن کي وڌيڪ متحد ڪري ڇڏيندي آهي. جيئن ”عرب بهار“ ۾ ٿيو. هاڻي نيپال ۾ به فوج ”حالتون سنڀالڻ“ جي نالي تي اڳتي وڌي رهي آهي. شايد Gen-Z جي نوجوانن جو اهو خواب نه هجي، پر هاڻي تير ڪمان مان نڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.