ڏکڻ پنجاب جي عليپور ۾، جتي درياهه تقدير جي سڳن جيان ماڻھن، زمين ۽ پاڻين سان ڳنڍيون ٿي پيا آھن ، سدره نسيم گذريل هفتي ٻوڏ جي پاڻيءَ مان ڏکئي رستي سان نڪتي. سندس حجاب گپ ۽ ڪچ سان ڳرو، ۽ سندس پيرن جي ترين ۾ ڏينهن جي محنت کان ڦلوسڻا ٿي پيا . هن هڪ خوفناڪ خواب ڏٺو: ڳوٺ گاري ۾ ڄڻ دٻجي ويل، مال ڍڳين، مينھن ۽ ٻين جانورن جا لاش انساني جسمن ۽ باقيات سان گڏ تري رهيا هئا، بچيل ماڻهو ڇتين ۽ وڻن تي چڙهي جان بچائي رهيا هئا.
"ايترو پاڻي،” هن سوشل ميڊيا تي لکيو، ڳلي ۾ ڦاتل ڳري آواز ۾، "هي نوح جي طوفان جهڙو آهي.” سندس لفظن پاڪستان جي 2025ع جي چؤماسي واري ٻوڏن کي دل جي حقيقي درد سان چٽيو آھي۔ ھن آفت ڏکڻ پنجاب ۾ گھٽ ۾ گھٽ 20 لک انسان بي گھر ڪيا آھن، 4,000 ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا آھن، ۽ رڳو هن صوبي ۾ 200 کان وڌيڪ جانيون کسي ورتيون! پاڻي لھڻ کانپوءِ، انھن ۾ ڏکوئيندڙ اضافو سامھون ايندو!
سدرہ جو ٻڌايل دردناڪ سچ اهڙي وڏي مصيبت کي ظاهر ڪري ٿو جيڪا سرڪاري بيانن يا ميڊيا جي خبرن کان گهڻو سنگين آهي شايد 2010 ۽ 2022 جي ٻوڏن جي گڏيل اثرن کي به ڏکڻ پنجاب جي ھن اَڳ ئي غريب زمين پوئتي ڇڏيو آھي. جڏهن اختياريون رڳو خالي ڪرائڻ ۽ امداد جي ورهائڻ جي ڳالھ ڪن ٿيون، تڏهن مظفرگڙهه ۽ ان سان لاڳاپيل وسيع ٻڏل ايراضي ۾ ڦاٿل ماڻهو هڪ لڪل دهشت کي ڏسي رهيا آهن: صاف پاڻيءَ جي کوٽ، زهريلي پاڻيءَ ۾ نانگ، بلائون، وڇون ، ۽ بيمارين جو خطرو کين وڪوڙي ويٺو آھي۔ ترت عمل بدران، اڳواڻ ڪالاباغ ڊيم جهڙن غير لاڳاپيل موضوعن ۾ عوام کي الجھائڻ چاھين ٿا، جڏهن ته اهي طرز حڪمراني ۽ اتنظامي ناڪامين کي ڪنڊائتو ڪرڻ ٿا چاھين! اھي ئي بنياد آھن جيڪي برساتن کي تباهي ۾ بدلائين ٿا. ان ڏس ۾ منھنجي عملي تحقيق چئن اهم خالن هوشياري ۽ عمل جي وچ ۾، موسمي تبديليءَ تي الزام ۽ گورننس جي وچ ۾، سطحِي سمجههه ۽ گھري بصيرت جي وچ ۾، ۽ مٿان کان هيٺين رٿابندي ۽ زميني ضرورتن جي وچ ۾ جو ذڪر ڪري ٿي جنھن مان اھا ڳالهھ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي ته ڏکڻ پنجاب ايترو گهڻو ڇو متاثر ٿيو آهي.
هڪ لامحدود تباهي
2025جون ٻوڏون ، جيڪي موسمي تبديليءَ سان تڪڙي ۽ گھري ٿيل مونسون ۽ گليشيئرن جي ڳرڻ سان آيون اتر پاڪستان کان ٿينديون ، ڏکڻ پنجاب کي تمام گھڻي شدت سان تباھ ڪيو. راوي، ستلج ۽ چناب درياهه، ڀارت جي ڀاڪرا ۽ پونگ جهڙن ڊيم جي ڀرجڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ جل ٿل ڪندا رنڀون ڪندي اڳتي وڌيا ۽ لکين ايڪڙ زرعي زمين ٻوڙي ڇڏيا. مظفرگڙهه ۾، جتي سدره ڪم ڪيو، درياهه اڃا به قهر ۾ آهن! لتي ماري جهڙيون سڄيون يونين ڪائونسلون، جتي 40,000 ماڻهو رهن ٿا، مڪمل طور پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويون، جڏهن ته عظمت پور ۾ بند ٽٽڻ سان شهري ۽ ڪئي ڳوٺن واراعلائقا ڍنڍن ۾ بدلجي ويا.
سرڪاري انگ اکر سڄي ملڪ ۾ 985 فوتگيون، پنجاب ۾ 209، 26 لک بي گهر، 10 ارب ڊالرن جو نقصان اڃا مٿاڇري کي به نه ٿا ڇهن. 2010 جا سيلاب (2 ڪروڙ متاثر، 10 ارب ڊالر نقصان) اتر جي علائقن ۽ سنڌ کي سخت متاثر ڪيو، جڏهن ته 2022 جي تمام وڏي ٻوڏ (1,739 موت، 30 ارب ڊالر نقصان) سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڌيڪ نقصان پهچايو. پر ڏکڻ پنجاب جو 2025 وارو نقصان4000 ڳوٺ ٻڏي ويا، 13 لک بي گهر ٿيا، الاھجي ڪيترو مال مئو، سڀ ڪجھ پاڻي ھيٺ آيو شايد ٻنهي جي گڏيل شدت کي به پوئتي ڇڏي ٿو! ھي پنجاب جو غريب علائقو آھي۔ ھن ٻوڏ کين شديد غربت ڏانھن ڌڪي ڇڏيو آھي۔
"هڪ ڏينهن ۾انھن پاڻين منهنجي صحت تباهه ڪري ڇڏي،” سدرہ لکيو، سندس اکيون پڄرجي پيون، پير سُڄي ويا.” تصور ڪريو انهن جو ڇا حال آهي جيڪي هفتن کان اھڙين حالتن ۾ ڦاٿل آهنبيماريون سندن انتظار ۾ آهن ۽ بک سندن ڪُک تي مُڪون وھائي رھي آھي.”
حافظ آباد جو محمد اظهر ننڍڙو آبادگار پنهنجي ٻني تي ويڳاڻو بيٺل آهي، اھا هاڻي ڍنڍ بڻجي وئي آھي، سندس مال متاع ٻڏي ويو. "هي خدا جي مرضي نه آهي هي غفلت آهي،” اھڙيون انيڪ ڪھاڻيون صحافين کي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچن پيون۔صحافتي اخلاقيات پڻ پنھنجي ھيٺاھين درجي تي آھي؛ لٽيل، ڏتڙيل، ذري گھٽ مئل ماڻھن جي منھن آڏو مائيڪ ڏئي ڄڻ ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رھيا آھن. پنجاب حڪومت 17 لک ليٽر پاڻي ۽ ڊرون ذريعي امداد جي ڳالهه ڪري ٿي، پر سدره جي اپيل خال کي چٽو ڪري ٿي: 46 لک متاثرن جي مقابلي ۾ رڳو 14,000 کي ڪئمپن ۾ جڳهه ملي، جتي نگراني جي ڪمزوريءَ سبب هيضو ۽ ٻيون بيماريون ڦهلجڻ جو خطرو وڌي رهيو آهي.
سدرہ جھڙا ڪيترائي ھڏڏوکي پنھنجي وس کان وڌيڪ مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن۔ سدرا جو مشن جاري آهي. "مان سندن آواز آن لائن اٿاريندي رهنديس،” هن عزم ڪيو. "هي احسان نه آهي، هيءَ مٽيءَ جو مون تي قرض آهي.”
چار خال، هڪ الميو
ڏکڻ پنجاب جو درد چئن اھم وٿين: خالن مان جنم وٺي ٿو، جيڪي 2010، 2022 ۽ هاڻي 2025 ۾ به موجود آھن ٻوڏ ۽ مينھن کي اڻکٽ تباهيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو
هوشياري/ خبرداري جا اعلان ( ائڊوائريز) بغير عمل جي :
پي ڊي ايم اي 5 ڏينهن اڳ چناب جي 10 لک ڪيوسڪ پاڻيءَ بابت خبردار ڪيو، پوءِ به ٻيڙين جي کوٽ (رڳو 1,500 مقرر)! ان کان گھڻو ڪجھ ڪري سگھبو ھو؛ جڏھن رستا پاڻي ھيٺ نه آيا ھئا تڏھن ٽريڪٽر ٽرالين، بسن ذريعي ماڻھن ۽ مال کي زوري ڪڍڻو ھو ! جيڪڏھن سندن مال کي جن سان ھو پنھنجي اولاد جيان پيار ڪن ٿا ۽ اھي سندن سڀ کان قيمتي اسيٽ آھن، انھن کي ڪڍيو وڃي ھا ته ھو به نڪري اچن ھا! ھي آسان اقصاديات ۽ سماجيات وس وارن کي سمجهه ۾ ڇو نه ٿي اچي!
موسمي تبديلي جو بھانو/ الزام ۽ گورننس/ طرزحڪمراني:
موسمي تبديلي جي ڪري وڌيڪ تيز وسڪارا ٿين ٿا، هر 1 ڊگري سينٽي گريڊ تي 7% وڌيڪ گھم مينھن ۽ ٻوڏون وڌائي ٿي، پر گورننس جون ناڪاميون ان کي تباهه ڪن بنائين ٿيون . درياهن کي سوڙھو لنگھ ڏيڻ، رستا موٽر وي جوڙي پاڻي جي قدرتي گسن ۾ ونجھ وجھڻ، زميني استعمال جي رٿابندي کي تنگ نظري سان ڏسڻ ، جتي درياھ نيٺ ورڻا آھن اتي مستقل اڏاوتون جوڙڻ، شهرن جو ڦهلاءُ ۽ نالن کي بند ڪرڻ ان طرزحڪمراني جا چند مثال آھن. 2010 ۽ 2022 جي بدعنواني ۽ ڪمزور رٿابندي جا پاڇا اڃا به موجود آهن. سدره جي ٻڏل ڳوٺن جي تصوير اها غفلت ظاهر ڪري ٿي. سطحي سمجههه: پاڪستان دنيا جي ستن سڀ کان وڌيڪ خطري وارن ملڪن ۾ شامل آهي پر اسانجي رٿابندين ۽ ترجيحن حيران ڪري ڇڏيو آھي. عورتون، جن جي موت جو خطرو 77% وڌيڪ آهي، منصوبن مان غائب آهن.
مٿان کان هيٺ رٿابندي ۽ زميني ضرورتون: وفاقي امداد، جيئن بجلي جي بِل جي معافي، ڳوٺاڻين جي اصل ضرورتن مضبوط بند، ڪئمپن ۾ ضرورتن ۽ عورتن لاءِ صفائي کي نظرانداز ڪري ٿي. بلڪہ انھن 4000 ٻڏل علائقن سان چٿر آھي! ، دير بيمارين جي خطري کي وڌائي ٿي۽ ڦاٿلن لاءِ موت کي ويجھو ڪري ٿي۔
ترت قدم ڪھڙا کڻجن
ڏکڻ پنجاب ڊگهي مدي واري سڌارن جو انتظار نه ٿو ڪري سگهي. اهي خال ڀريندڙ فوري قدم هاڻي مصيبت گهٽائي سگهن ٿا
موبائل امدادي يونٽس: ٽرڪن تي لڳل فلٽريشن سسٽم لتي ماري جهڙن ڏورانهن علائقن ۾ موڪليو، جتي سدره متاثرن کي اڃ ۾ ڏٺو. نانگ جي ڏنگ ۽ انفيڪشن لاءِ اينٽي وينم ۽ اينٽي بائيوٽڪ ڪِٽس ورهايو
ڪميونٽي جي اڳواڻيءَ ۾ لڏپلاڻ وڌايو: مقامي مشقن کي مددگار ايپ سان وڌايو، 2022 کان پوءِ تربيت ورتل رضاڪارن کي موبلائيز ڪيو. 5,000 يا انکان وڌيڪ ٻيڙيون ۽ ٻارڻ فراهم ڪريو
شفاف امداد: مظفرگڙهه ۽ ڊي جي خان ۾ مقامي نگراني ڪميٽيون ٺاهيو ته جيئن ڪرپشن روڪي سگهجي. روزاني ترسيل جا انگ آن لائن رکو
عورتن لاءِ موزون ڪئمپس: ڪئمپن ۾ عورتن (60% رهواسي) لاءِ خانگي صفائي ۽ هيضي جي اسڪريننگ لاءِ موبائل ڪلينڪ لڳايو، جيئن بنگلاديش ۾ نقصان 40% گهٽايو ويو
فطري تحفظات: ليه ۽ مظفرگڙهه ۾ ننڍي پيماني تي ڍنڍون بحال ڪريو، جيڪي في ايڪڙ 15 لک گيلن پاڻي روڪي سگهن ٿيون، ۽ فصلن کي بچائي سگهن ٿيون
اهي قدم، ٽيڪنالاجي ۽ ڪميونٽيءَ جي دانائي کي گڏ ڪري، هاڻي زندگيون بچائي سگهن ٿا ۽ لچڪ جي بنياد رکي سگهن ٿا. تڪڙي ترسيل زندگيون بچائيندي۔ مٽيءَ جو قرض پاڪستان کي عمل ڪرڻو پوندو بحثن سان نه، پر فوري، زميني حلن سان. هن مٽيءَ جو قرض ضرور ادا ڪرڻو پوندو۔ وڏا ماڻھو پنھنجن فائدن کي ڪجھه ڏينھن وسارن ته موت جي منھن ۾ ڦاتل ڏکڻ پنجاب جا ماڻھو زندگي ڏانھن موٽي سگھن!