ٽنڊوآدم (عوامي آواز نيوز) جوڻيجا خاندان جو پڳدار ۽ پيپلز پارٽي جو اڳوڻو ايم اين اي روشن دين جوڻيجو 74 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ، قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر ۽ اڳوڻو ضلعي ناظم سانگهڙ روشن الدين جوڻيجو 74 ورهين جي ڄمار ۾ اسلام آباد ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم روشن جوڻيجو، ڪلاسيڪل وڏيري اڳوڻي مملڪتي وزير ۽ سينيٽر مرحوم شاھه نواز جوڻيجو جو وڏو فرزند، موجوده ايم اين اي صلاح الدين جوڻيجو جو والد ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد خان جوڻيجو جو ڀاءُ هو، سندس تعلق سانگهڙ ضلعي جي تعلقي ٽنڊوآدم جي ڳوٺ سنجر جوڻيجو سان هو، هن پهرين جنوري 1951 تي جنم ورتو، روشن جوڻيجو سال 2002 ۾ ضلعي چيئرمين سانگھڙ رھيو، هوآئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪميٽي سانگھڙ جو چيئرمين به رھيو ان کانسواءِ قومي اسيمبلي ۾ مختلف ڪميٽين جو چيئرمين ۽ ميمبر پڻ رهيو، مرحوم روشن جوڻيجي جي لاڏاڻي تي علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن سوڌو قومي ۽ صوبائي اڳواڻن سندس وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي، سندس خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي آھي، سوشل ميڊيا تي مرحوم جي مٽن مائٽن ۽ دوستن پاران جاري ڪيل پوسٽن ۾ ٻڌايو ويو ته مرحوم روشن جوڻيجو جي جنازي نماز اڄ 11هين وڳي ڳوٺ سنجر خان جوڻيجو ۾ ادا ڪئي ويندي.
-
روشن الدين جوڻيجو باوفا ۽ عوام دوست نمائندو هو: ناصر شاهه
ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير توانائي، ترقيات ۽ رٿابندي ناصر حسين شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر روشن الدين جوڻيجو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي۔ پنهنجي تعزيتِي بيان ۾ ناصر شاهه چيو ته روشن الدين جوڻيجو هڪ مخلص، باوفا ۽ عوام دوست نمائندو هو، جنهن هميشه پارٽي جي اصولن ۽ عوامي خدمت کي اوليت ڏني۔ هن چيو ته سندن پارٽي ۽ جمهوريت لاءِ خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو۔ صوبائي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جائه ڏي ۽ لواحقين کي صبرِ جميل عطا فرمائي۔