چوماسي جي جهجهين برساتن وگهي سنڌو نديءَ ۾ آيل پاڻي جي اڀار ۽ ان نتيجي ۾ درياهه جي سنڌ جي سرحدن ۾ خوشين مان جهومندي نچندي ڪڏندي داخل ٿيڻ تي ۽ سمنڊ سان ميلاپ ڪري نيئن زندگي ماڻڻ تي سنڌو درياهه کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪجي ٿي ۽ سندس آجيان ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو هي نظم منسوب ڪجي ٿو ته:
ڀلي آئين جي آئين دريا شاهه!
۽ گلزار آڻين جي آئين دريا شاهه!
اي سنڌو سدائين، تون ڪر سنڌ سائي
ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه!
ٿئي جهنگ جهر پاڻي ٿو چارماهه
ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه…
ايئن ئي پاڻ کي، سنڌو درياهه جي عاشق ۽ اٽڪ کان ڪيٽي بندر تائين ٻيڙيءَ تي سنڌو نديءَ چپو چپو گهمي آيل انور پيرزادو صاحب جو پڻ هڪ نظم ياد اچي ٿو ته :
اڃايل لڳين ٿي
اي سنڌو ندي
هلي آءُ
توکي ڏيان جسم جو مان
نپوڙي سپوڙي
سمورو ئي رت ست
نه ڍاپي سگهين جي
ته گرڙي ڪري ڇڏ…
تون اجگر آن سنڌو
تون مستيءَ ۾ ايندينءَ
ته موٽائي مون کي ڏجان
سمورو ئي رت ست
مان تنهنجي ڪنڌيءَ تي
مهين جي دڙي جيان هان ويٺو
ڀلي جان اچي مونکي برباد ڪر
ڀلي جان اچي مونکي آباد ڪر…!
مطلب ته اسان هر صورت ۾ درياهه جي آچڻ جي آجيان ڪندا رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين.
ايئن ئي موجوده دور ۾ سنڌو درياهه جو انتهائي شاندار ۽ مضبوطي سان ڪيس وڙهندڙ پاڻي جو ماهر ڊاڪٽر حسن عباس چئي ٿو ته ”وڏا ڊيم نه ٺاهيو پر درياهه کي پنهنجي دڳ تان وهڻ ڏيو، ان کي ڪٿي به روڪڻ جي ڪوشش نه ڪيو.“ هو اڄ ڪالهه انتهائي مضبوط دليلن سان ٽي وي چينلن تي سنڌو درياهه تي ڳالهائيندي سڀني کي لا جواب ڪري ڇڏي ٿو. سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن وڏن ڊيمن ٺهڻ سان ٻوڏون نه اچن ها ته نه چين ۾ ٻوڏون اچن ها، نه ئي ڀارت ۾ جو اهو وڏن ڊيمن هئڻ باوجود درياهه کي پاڪستان ڏانهن وهائڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. هن چيو ته ٻوڏن جي تباهي جو سبب خراب شهري پلاننگ ۽ درياهن جي رستن تي اڏاوتون ۽ نيڪال نظام جي ناڪامي آهي. ڊاڪٽر حسن عباس اهو به چوندو آهي ته توهان پاڻي ذخيري لاءِ ڪيترا به ڊيم ٺاهيو پر جيڏو پاڻي جو ذخيرو درياهه جي پيٽ ۾ واريءَ هيٺان آهي سو ڊيمن ۾ جمع نٿا ڪري سگهون ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته درياهه کي پنهنجي رستي سان وهڻ ڏيو، ان کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ ڏيو اهو پاڻي درياهه جي پيٽ ۾ جمع ٿيندو رهندو جنهن کي اوهان جديد ٽيڪنالاجي سان ضرورت وقت استعمال به ڪري سگهو ٿا. هي اهو به چوندو رهندو آهي ته حڪومتن کي جيڪي اڪابر پاڻي بابت رپورٽون ٿا ڏين سي غلط آهن. انهن هميشه غلط ئي رپورٽون ڏنيون آهن. مثال طور 2018 جي حڪومت جي وزير اعظم ٽي وي تي اچي خطاب ڪيوهو ته سال 2025 ۾ شديد ڏڪار ايندو، پاڻي جي کوٽ ٿيندي تنهن ڪري وڏا ڊيم ٺاهي هاڻي کان ئي ان درياهي پاڻي کي جمع ڪرڻ شروع ڪجي پر جڏهن سال 2025 آيو ته الٽو ريڪارڊ پاڻي آيو. هاڻي وري چون ٿا ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ريڪارڊ ٻوڏون اينديون سو پاڻي کي جمع ڪرڻ لاءِ وڏا ڊيم ٺاهجن. سو هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڻي بابت غلط اڳڪٿي ڪندڙ يا غلط رپورٽنگ ڪندڙ کان پڇاڻو ڪجي ۽ کيس سزا ڏجي ته تو غلط بياني ڇو ڪئي ۽ درست رپورٽ ڇو نه ڏني جو ان بنياد تي حڪومتي پاليسي ٺاهجي ها.
سو اسان به هن ئي ايڊيٽوريل ۾ اهو لکندا آيا آهيون ته وڏن ڊيمن بدران حڪومت پاڻي جي ماهرن جي مدد سان ٻين آپشنز تي غور ڪري ۽ درياهي نظام ۾ غير ضروري ۽ غلط قسم جي مداخلت ڪري پاڻي جي کوٽ ۽ بحران جا دروازا نه کولي پر پنهنجي گڊ گورننس ڏانهن ڌيان ڏي. درياهن جي پيٽن ۽ ڍنڍن ڍورن جا رستا صاف ڪري، جيڪي رنڊڪون آهن سي ختم ڪري، درياهه ۽ ڍنڍن ڍورن جي لنگهن تان قبضا ۽ رنڊڪون ختم ڪري، درياهه کي سمنڊ تائين وهڻ ڏي ته ان ۾ ئي رحمت به آهي، غنيمت به آهي ته خوشحالي ۽ برڪت به آهي.
هونيئن ته سنڌو درياهه جا دشمن ۽ ڪالاباغ ڊيم جا حامي هاڻي به چون ٿا ته سنڌ واسيو هاڻي اچيو ٿو ٻوڏ جو پاڻي هاڻي تيار ٿيو ٻڏڻ لاءِ… پر حقيقت اها آهي ته سنڌ لاءِ هي عيد جو شادماني جو موقعو آهي جو سنڌي عوام پنهنجي جياپي سنڌو نديءَ کي وري جوڀن ۽ مستيءَ ۾ ڏسي رهيو آهي. انڊس ڊيلٽا ته خوشي ۾ ڇيرون پاڻي نچڻ لڳي آهي، سمنڊ وڏيون ٻانهون ڦهلائي درياهه جي آجيان ڪري رهيو آهي. سو اسين سڀ سنڌو واسي درياهه جي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ تي خوش آهيون پريشاني رڳو حڪومتي بدانتظامي جي آهي ته اها درياهه جي سفر ۾ مداخلت ڪري سنڌي عوام کي ماضي وانگر نه ٻوڙائي وجهي سو ان ۾ ڏوهه درياهه جو نه پر حڪومت جي پنهنجي بدانتظامي، ناقص ڪارڪردگي ۽ غلط حڪمت عملي جي هوندي، اسان جي درياهه تي ڪا ميار نه ماضيءَ ۾ هئي نه ئي هاڻي هوندي. سو اسان درياهه کي وري به سنڌ ۾ اچڻ تي ڀليڪار ئي چئون ٿا.