زندگي ۾ ڪي اهڙا ڏينهن به ٿي گذريا آهن. جيڪي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگھجن. اهڙن ڏينهن مان تاريخ 31 آگسٽ 2025ع، آچر جو ڏينهن به هڪ آهي جيڪو هميشه ياد رهندو. دعوت ملي ته سنڌ يونائيٽڊ پارٽِي جي صدر سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ مورو شهر ۾ هڪ احتجاجي مارچ ٿي رهيو آهي. ان سلسلي ۾، ان تاريخ کان اڳ ۾ ئي تياريون شروع ٿي چڪيون هيون. راقم الحروف کي به، وڏيري ممتاز علي ڪيريي چيو ته، اوهان مون سان گڏ ڪار ۾ هلجو. مون به اها حامي ڀري ۽ هائوڪار ڪئي. کيس چيم ته، ڪار ۾ ٻيا به ٽي ماڻهو ويهي ويندا. ڪچهري ڪندا هلنداسون. چيائين ته اهي به اوهان پاڻ سان وٺي اچجو، سيد زين شاهه جي مجيد ڪيريو واري رهائشگاهه تي صبح جو نوين بجه پهچي وڃجو. گڏجي هلنداسون. نيٺ 31 آگسٽ 2025ع آچر جو ڏينهن آيو. واعدي موجب مقرر ڪيل هنڌ پهتس. مون سان گڏ لونگ خان عمراڻي، جهنڊو خان خاصخيلي ۽ سندنس ڀائٽيو حاجي حسين خاصخيلي به گڏ هئا. اوچتو سيد زين شاهه به بنگلي کان ٻاهر آيو. آيل مهمانن سان هٿ ملايائين. ان کان پوءِ سڪرنڊ جا صحافي کائونس سوال پڇندا رهيا. شاهه صاحب کين جواب ڏيندو رهيو جيڪي ڏاڍا مدلل ۽ حقيقتن تي مبني هئا. خير- اهو سلسلو بند ٿيو ته، سائين زين شاهه جي گاڏي اڳتي وڌڻ لڳي. اسان به پنهنجي گاڏي ۾ اچي ويٺاسون ۽ قافلي سان گڏ هلڻ شروع ڪيو. جڏهن اهو قافلو ڳوٺ مجيد ڪيريو جي اسٽاپ تي پهتو ته، سوين ماڻهن سندس استقبال ڪيو ۽ گلن جي ورکا پڻ ڪئي. فلڪ شگاف نعرا به هنيا. جڏهن سيد زين شاهه جي گاڏي آفتاب ڪالوني پهتي. جنهن جي پٺيان ڪيتريون ئي گاڏيون هلي رهيو هيون. اتي به گلن جي ورکا ڪئي ويئي. اهڙي طرح لڌو لعل، چهواڻ ڪالوني، داد ٻنڀ، ڳوٺ حاجي ڪيريو، باءِ پاس سڪرنڊ ۾ به زبردست استقبال ڪيا ويا ۽ گلن جي ورکا ڪئي ويئي.
ڍجڏهن سيد زين شاهه جي گاڏي موٽروي (نيشنل هاءِ ويز) تي پهتي ته بيهي ويئي اتي وڏيري چنڱل خان انڙ استقبال ڪيو. عين ان وقت مون پوئتي ڏٺو ته گاڏين (ڪارن، سوزڪين، بسن ۽ وينن) جي هڪ وڏي قطار بيٺل نظر آئي. خير- قافلو اڳتي وڌيو. جڏهن اور برج (over bridge) لڳ سيال هوٽل سڪرنڊ وٽ پهتاسون ته سيد جا چاهيندڙ، همدرد ۽ پارٽي جا ڪارڪن وڏي تعداد ۾ موجود هئا. جن گرمجوشي سان استقبال ڪيو. اتي روڊ جي ٻئي ڪنارن سان پوليس اهلڪار به گھڻي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ آيا. چند پوليس موبائيلون به بيٺل هيون. جيئن ئي ڄاڻايل قافلو سڪرنڊ شگر ملز وٽ پهتو ته اتي به ماڻهن جي وڏي رش لڳل هئي. جتي استقبال ڪيو ويو. آسپاس جي ڳوٺن مان ڪافي ماڻهو پنهنجين گاڏين تي آيل هئا. جيڪي قافلي ۾ شامل ٿي ويا. جڏهن قافلو قاضي احمد جي حدن ۾ داخل ٿيو ته اتي به ماڻهن زبردست موٽ ڏني ۽ ڪافي ماڻهو جلوس ۾ شامل ٿي ويا. قاضي احمد کان ٻاهر نڪتاسون ته پوليس جو وڏو اٽالو بيٺو هو. ٽه موڙ، نواب ولي محمد، سرڪاري کوهه، جهلو مسجد، دينو جي مشين، علي آباد، دولتپور باءِ پاس، شاهپور جهانيان ۽ ٻين اسٽاپن ۽ شهرن ۾ مقامي رهواسين زبردست استقبال ڪيا ۽ گلن جي ورکا به ڪئي ويئي. سندن هٿن ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جا جهنڊا به هئا. جنهن ڪري وڌيڪ رونق لڳل هئي. ڪيترائي ماڻهو صبح کان انتظار ۾ ٻيٺل هئا ته مذڪوره قافلو اچي ته ان جو استقبال ڪجي ۽ سيد زين شاهه جي ڀرپور نموني سان آجيان ڪجي. نيٺ سندن انتظار ختم ٿيو. سيد زين شاهه به انهن سان ملڻ لاءِ هر هنڌ بيهندو پئي هليو. جنهن ڪري مقرر وقت کان ڪافي دير ٿي ويئي. پر، ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن کي نظر ۾ رکندي، بيهڻ ۽ انهن سان ملڻ تمام ضروري ۽ اهم هو.
ٻئي طرف حڪومت پنهنجو ڏهڪاءُ ۽ خوف پيدا ڪرڻ لاءِ پوليس جي نفري وڏي تعداد ۾ گھرائي هئي جيڪا روڊن جي ڪنارن سان تعينات ڪئي ويئي هئي. سڄي سنڌ مان پوليس کي گھرايو ويو هو. قدم، قدم تي وردي وارا بيٺل هئا. جن جي هٿن ۾ ڏنڊا ۽ هٿيار هئا. اهي انتهائي الرٽ بيٺل نظر آيا پئي. مورو شهر ۾ به وڏي تعداد ۾ پوليس اهلڪار موجود هئا. آئون ته حيران ٿي ويو هوس ته ايتري پوليس ڇو گھرائي ويئي. سڀ ڪو تعجب جو اظهار ڪري رهيو هو. ايترا پوليس وارا ڌاڙيلن کي پڪڙڻ لاءِ موڪليا وڃن ها ته ڪوبه ڌاڙيل بچي ڪونه سگهي ها. ڌاڙيل گرفتار ٿي وڃن ها يا مقابلو ڪندي مارجي وڃن ها. ايتري پوليس جي نفري گھرائي ويئي هئي. جن جي صحيح تعداد جي ته خبر ڪونه آهي. پر، اها پوليس ڪنهن جلسي يا ريلي ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ مون ڪڏهن به ڪونه ڏٺي آهي. ائين پئي محسوس ٿيو ته، ايتري نفري گڏ ڪري شايد ڪو جهيڙو ڪرڻو آهي يا ڪنهن سان جنگ ڪرڻ جي تياري آهي. جڏهن مورو ۾ پهتاسون ته روڊ سان ضياءُ لنجار صاحب جو بنگلو واقع آهي. جيڪو هر ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي نگاهن جو مرڪز رهي ٿو. عاليشان عمارت ڏسڻ ۾ آئي پئي. اڃا ڪم هلندڙ اٿس يعني زير تعمير آهي. ان عمارت جي اڳيان ويندڙ روڊ کي ڪنٽينر بيهاري بلاڪ ڪيو ويو هو ته جيئن ڪابه گاڏي اتان اچي وڃي نه سگھي ۽ ماڻهن جي آمد رفت به بند رهي. مذڪوره بنگلي وٽ به پوليس جا وڏا اٽالا بيٺل هئا. جيڪي سڄي عمارت جي چوڌاري بيهاريا ويا هئا.
جڏهن اسان جو قافلو جيڪو سيد زين شاهه جي نگراني ۾ اڳتي وڌي رهيو هو. ان قافلي ۾ بسن، ڊاٽسنن ۽ سوزوڪين کي اڳتي وڃڻ ڪونه ڏنو ويو ريلي جي انتظاميه اهو فيصلو ڪيو. ان جو سبب اهو هو ته، شهيدن جي ڳوٺ تائين پهچڻ لاءِ ڪو روڊ ڪونه آهي. روڊ ۾ کڏا پئجي ويا آهن. پٿر اکڙجي رهيا آهن. ڌوڙ تمام گھڻي آهي ۽ ڪچي جو علائقو آهي. سنڌو درياءُ اتان کان ويجهو وهي ٿو. خير- سوين ڪارن جو قافلو روڊ سان شهيد زاهد لغاري ۽ شهيد عرفان لغاري جي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو. جن جي ڀرسان اهي مدفون آهن ڪافي دير تائين گاڏيون هلنديون رهيون. واٽ تي ڪيترن ئي هنڌن تي پوليس بيٺل هئي. پر، انهن ڪنهن کي به روڪيو ڪونه ٿي ۽ نه وري ڪو پڇاڻو به ڪيائون ٿي. مذڪوره ڳوٺ جي ٻاهران ڪجهه مفاصلي تي پوليس به پنهنجي ڊيوٽي تي ويٺي رهي ۽ سمجهان ٿو ته حيرت سان ڏسي رهي هئي ته هيتري خلق ڪٿان آئي آهي. هيتريون گاڏيون ڪٿان اچي ويون آهن کين ضرور تعجب ٿيو هوندو. اهي نهاريندا رهيا. اسان اڳتي وڌندا رهياسون.
نيٺ، مذڪوره شهيدن جي مزارن تي پهتاسون. جتي سڀ ماڻهو گاڏين مان لهي آيا هئا. مون ڏٺو ته ان وقت ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو هو. اجتماعي دعائون گھريون ويون. جيڪي مولانا اياز قمي گھرايون گلن جون چادرون چاڙهيون ويون. اتي سخت گرمي هئي. اهڙي گرمي مون پنهنجي عمر ۾ ڪڏهن به ڪانه محسوس ڪئي هئي. پر، اتان جي مقامي ماڻهن پاڻي جون سبيلون لڳايون هيون ۽ ماڻهن کي پاڻي پياري رهيا هئا. اڃ ۽ پياس ۾ ماڻهن خوب پاڻي پيتو شاميانو به لڳل هو. جتي ماڻهن ويهي ڪجهه گھڙيون سڪون حاصل ڪيو ۽ ٿڪاوٽ دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. تنهن کان پوءِ گاڏين ۾ ويهي واپس ٿياسون. ساڳئي ڀڳل روڊ سان گاڏيون ڌوڙ اڏائينديون موري شهر ڏانهن روانيون ٿيون.
جڏهن بچاءُ بند تي پهتاسون ته اتي وڪيلن جو وفد به اچي پهتو. عامر وڙائچ به ان وفد ۾ شامل هو. ڪافي ساٿين هن سان هٿ ملايو ۽ فوٽو گرافي به ڪئي. تنهن کان پوءِ گاڏيون جڏهن باءِ پاس مورو پهتيون ته اتان پيادل احتجاجي مارچ ڪيو ويو. جيڪو دادو روڊ کان ٿيندو وچ شهر ۾ جلسي گاهه ۾ پهتو. مقررين خطاب ڪيو. خطاب ڪندڙن ۾، سيد منير حيدر شاهه، روشن ٻرڙو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، عامر وڙائچ، نورالله مهر(مهر ڊٻائي)، ياسمين ٿيٻو، ڊاڪٽر زين ڀٽو، عاشق زنئور، رمضان لنڊ، وڪيل گلزار عالماڻي، وڪيل قادر ڪورائي، اصغر شاهه ۽ ٻيا شامل هئا. سندن چوڻ هو ته، شهيدن جو رت رائگان ڪونه ويندو. اهو ضرور رنگ لائيندو. اهو، رياستي ڏاڍ آهي جو لغاري بجراڻي جي ڳوٺ جا ڪيترائي ماڻهو اڄ به گرفتار آهن ۽ ڪيترائي گم ٿيل آهن. قاتلن جي خلاف ايف آءِ آر ڪونه ٿي ڪٽي وڃي. ياد رهي ته هن مارچ ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا. جن ۾ عورتن جو وڏو تعداد به شامل هو. هن جلسي ۾ خاص خطاب سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه جو هو. جنهن خطاب ۾ چيو ته، اسان شهيد عرفان لغاري ۽ شهيد زاهد لغاري جي خونن جي پوئواري ۽ مالڪي ڪنداسون ته جيئن انهن جي وارثن کي انصاف ملي سگھي. شهيد ڪيل سنڌ ۽ سنڌو درياءِ سان محبت ڪندڙ هاري نوجوان هئا. جن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي. انهن جي قتل جو ڪيس به سندن وارثن تي داخل ڪيو ويو آهي جيڪي اڃا به پوليس جي ظلم جي عتاب هيٺ سرڪاري توڙي خانگي جيلن ۾ موجود آهن. اهو ظلم آهي جو شهيدن جي وارثن جي ايف آءِ آر نه ٿي ڪٽي وڃي. پوليس ان کان لنوائي رهي آهي. هي مارچ مطالبو ٿو ڪري ته شهيدن جي وارثن جي چوڻ موجب ايف آءِ آر ڪٽي وڃي. شهيدن جو رت ڪڏهن به رائيگان نه ويندو. هن وقت لغارين تي هڪ سو کان وڌيڪ ايف آءِ آرز ڪٽيل آهن. 55 مرد جيلن ۾ آهن ۽ 50 ڄڻا جبري لاپتا آهن. اهو رياستي ڏاڍ ۽ ظلم آهي. انهن جون ملڪيتون ڊاهي ۽ گھرن مان ڦرلٽ ڪئي ويئي آهي ۽ اها ناانصافي آهي جيڪا برداشت ڪري نه ٿي سگھجي. ياد رهي ته هيءُ مارچ پرامن هو. جلسو به ٿي گذريو جيڪو شام جو دير تائين جاري رهيو ۽ الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.