برطانيا پاران سنڌ ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ 45 ڪروڙن جي امداد

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)برطانيا سنڌ ۾ ايندڙ امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياري طور 12 لک پائونڊز (تقريبن 45 ڪروڙ 40 لک رپيا) جي اضافي هنگامي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي۔برطانوي هاءِ ڪميشن اسلام آباد موجب اها امداد سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ مختلفغير سرڪاري تنظيمن (NGOs) کي ڏني پئي وڃي، جيڪا  ابتدائي وارننگ سسٽمز،لڏپلاڻ ۽ ضروري سامان لاءِ اڳواٽ بندوبست لاءِ استعمال ٿيندي، برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو ته سنڌ هن وقت تباهه خيز ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي تيارين جي هڪ انتهائي اهم مرحلي مان گذري رهيو آهي،جيڪڏهن تباهي کان اڳ هر هڪ ڊالر بچاءَ تي خرچ ڪجي ته ان سان آفت کانپوءِ ٿيندڙ خرچن ۾ ست ڀيرا بچت ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.