چين ۽ پاڪستان ۾ سي پيڪ فيز 2 سميت 5 نوَن راهدارين تي تيزي سان ڪم تي اتفاق

بيجنگ (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چين کي شنگھائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان چين جي ترقياتي ماڊل مان سکڻ چاهي ٿو. وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف بيجنگ ۾ پنهنجي چيني هم منصب لي چيانگ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪ-چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم ورجايو. پڌرائي چيو ويو آهي ته پاڪستان جلد چيني ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ پانڊا بونڊز جاري ڪندو، ملاقات ۾ سي پيڪ تحت ايم ايل ون، قراقرم هاءِ وي جي ٻيهر الائنمينٽ ۽ گوادر پورٽ جي جلد فعال ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ان کانسواءِ پاڪ-چين وزيراعظمن جي ملاقات دوران سي پيڪ فيز 2 سميت 5 نون ڪوريڊورز تي تيزي سان ڪم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. پڌرائي موجب، بي ٽو بي انويسٽمينٽ ڪانفرنس ۾ 300 پاڪستاني ۽ 500 چيني ڪمپنين شرڪت ڪئي، جنهن ۾ زراعت، معدنيات، ٽيڪسٽائيل، صنعت ۽ آءِ ٽي کي سيڙپڪاري لاءِ ترجيحي شعبا قرار ڏنو ويو.وزيراعظم چين کي ايس سي او سربراهي اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان چين جي ترقياتي ماڊل مان سکڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي خودمختياري ۽ ترقي ۾ حمايت تي چين جا ٿورا مڃيا ۽ صدر شي جن پنگ جي عالمي قدمن جي ڀرپور حمايت جو عزم ورجايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.