اميد آهي ته ست لک ڪيوسڪ جو وهڪرو ايندو:محمد بخش مهر

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير زراعت ۽ ليفٽ بئنڪ لاءِ فوڪل پرسن سردار محمد بخش مهر گڊو بئراج ۽ ڪي ڪي بند جو هنگامي دورو ڪيو ۽ آفيسرن سان اهم اجلاس پڻ منعقد ڪيو،اجلاس ۾ ضلعي ڪائونسل چيئرمين بنگل خان مهر، سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر شهريار شر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر به موجود هئا۔ وزير زراعت گڊو بئراج جي موجوده صورتحال بابت بريفنگ ورتي ۽ اتي جي انتظامن جو جائزو ورتو۔ آبپاشي کاتي جي ايڪسين گڊو بئراج جاويد احمد چاچڙ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اڄ پاڻيءَ جو ريلو پنجند پهچي رهيو آهي، جيڪو ٻه ڏينهن بعد گڊو بئراج تائين پهچي ويندو۔ سردار محمد بخش مهر چيو ته في الحال ڪنهن به خطري واري صورتحال ناهي، البت اميد آهي ته ست لک ڪيوسڪ جو ٻوڏ وارو ريلو ايندو۔ اسان جون تياريون نَو لک ڪيوسڪ جي امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيون ويون آهن، جيڪڏهن ايترو ريلو آيو ته اها سپر فلڊ هوندي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڪي ڪي بند حساس آهي، جتي هنگامي بنيادن تي ڪم جاري آهي، البت شينڪ لوپ بند کي في الحال ڪو به خطرو ناهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.