سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي نااهلي ۽ بيحسي جو ثبوت ڏنو آهي. بجاءِ ان جي ته مهانگائي جي ٻوڏ ۾ ٻڏل بزرگ ملازمن کي ساهه کڻڻ لاءِ سهارو ڏنو وڃي، حڪومت پينشن جي شرح ۾ بي رحمي سان ڪٽوتي ڪري ڇڏي آهي. 2022ع تائين گڏيل واڌ 63.5 سيڪڙو تائين هئي ، پر هاڻي ان کي گهٽائي صرف 15 سيڪڙو ۽ نئين بجٽ ۾ ته رڳو 8 سيڪڙو ڪيو ويو آھي. ڇا اها واڌ دوائن، بجلي، اٽي ۽ کير جي قيمتن سان مقابلو ڪري سگهي ٿي؟
ان سلسلي ۾ حڪمران فرمائين ٿا ته ملڪ ۾ مالي بحران آهي، خزانو خالي آهي ان لاءِ خرچ گهٽائڻا پوندا. پر عجيب ڳالهه اها آهي ته وزيرن جا پروٽوڪول، سرڪاري محل ۽ ميزبانين لاءِ خزانو ڪڏهن به خالي نظر نٿو اچي، البته پينشنرن جي ٿورڙي پينشن ڪٽڻ وقت بجٽ جي سڄي حساب ڪتاب جو ترازو ياد اچي وڃي ٿو.ڪڏهن پينشن ۾ گڏيل واڌ ٿيندي هئي جيڪا 63.5 سيڪڙو تائين پهتل هئي. اها به ڪا وڏي عياشي نه هئي، رڳو مهانگائي سان توازن رکڻ جو طريقو هو. پر هاڻي حڪومت جي حساب ڪتاب ۾ اها واڌ گهٽجي 15 سيڪڙو ۽ نئين مالي سال ۾ صرف 8 سيڪڙو رهجي وئي آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن پينشنر جي دوائن جا خرچ 30 سيڪڙو وڌن ٿا ته حڪومت جي 8 سيڪڙو واڌ ڪنهن کي بچائيندي؟
هاڻي ته نئين فارمولي سان واڌ به ”بنيادي پينشن“ تي ٿيندي، گڏيل نه پر الڳ الڳ. مطلب ته اڳوڻي واڌ جو اثر به ختم! ساڳي وقت حڪومت ”ڊي فائينڊ ڪنٽريبيوشن اسڪيم“ آڻڻ ٿي چاهي. اها به ڏسو ڪيڏي سٺي چال آهي جيڪو نئون ملازم ايندو، اهو رٽائر ٿيڻ بعد پنهنجي قسمت مارڪيٽ جي رحم ڪرم تي ڇڏيندو. 25 آگسٽ تي سنڌ ايمپلائيز الائنس(SEA) جو احتجاج ٿيندو، قلم ڇڏ، آفيسون بند،ٻانهن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي ۽ ڪارا جهنڊا کڻي ريليون نڪرنديون . حڪومت لاءِ اهو هڪ وڏو چتاءُ آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا حڪمرانن جا ڪن به ٻڌڻ لاءِ تيار آهن، ڇا اهي سمورو سرڪاري وهنوار هلائيندڙ پنهنجن ملازمن جي دانهن ورنائڻ لاءِ تيار به آهن ؟ هڪ استاد جيڪو سڄي عمر ٻارن کي پڙهائي ٿو، هڪ نرس جيڪا هزارين زندگيون بچائي ٿي، هڪ ڪلارڪ جيڪو فائيلن ۾ سڄي عمر گذاري ٿو، جڏهن رٽائر ٿئي ٿو ته کيس علاج لاءِ پيسا به نٿا ملن. پينشن گهٽجي وڃي ٿي، ميڊيڪل الائونس فريز ٿي وڃي ٿو ۽ آخر ۾ هو پنهنجن ئي ٻارن تي بار بڻجي وڃي ٿو. ڇا اها ئي حڪومت آهي جيڪا پاڻ کي عوام جي خدمتگار سڏائي ٿي؟
ڪڏهن ڪڏهن سوچ ايندي آھي ته شايد حڪومت پينشنرن کي هڪ خاص “ڪلاس” سمجهي ٿي اهي نه احتجاج ڪري سگهن ٿا، نه اسيمبليءَ ۾ اچي سگهن ٿا، ۽ نه ئي ووٽ جي طاقت سان فوري سزا ڏئي سگهن ٿا اهي ظلم جي گھاڻي ۾ پيڙهجڻ ٿا اهو ئي سبب آهي جو هاڻي لڳي ٿو ته هي سرڪاري ملازم ظلم سهي سهي اچي ٿڪا آھن ۽ سمورن کاتن جا نمائنده 25 آگسٽ تي قلم ڇڏ تالا بند هرتال جو سڏ ڏئي چڪا آهن. ڇو ته جڏهن زندگي ۽ عزت جو سوال اچي ٿو، تڏهن خاموشي ٽٽي وڃي ٿي. پينشن ڪا بخشش نه آهي، اها محنت جو حساب آهي. پر جيڪڏهن حڪومت ان حساب کي به غلط ڪڍڻ تي تيار ٿي وڃي، ته پوءِ پينشنر ڇا ڪري؟ پوءِ احتجاج ئي سندن آخري رستو بچي ٿو .
پينشن ڪا صدقو يا خيرات ناهي، اها زندگيءَ جي ڊگهي محنت جو ڦل آهي. ڪراچيءَ جو استاد، سکر جو ريٽائرڊ ڪلارڪ، گهوٽڪي جو ريٽائرڊ پٽيوالو لاڙڪاڻي جو بزرگ ۽ حيدرآباد جي نرس، سڀ هڪ آواز ۾ چون ٿا اسان پنهنجن پنهنجن کاتن کي عمريون ڏنيون آھن پينشن جا پئسا اسان جن پگهارن مان ڪٽيا ويندا آھن پر پوءِ به اسان کان اسان جو جائز حق کسي اسان کي محتاجي واري زندگي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي پينشن سماجي سيڪيورٽي آهي جنهن سان هڪ ملازم شاندار طريقي سان پنهنجي زندگي گذاري ٿو پر اسان جا انڌا ٻوڙا ۽ گونگا حڪمران هن سموري سرڪار جو وھنوار هلائيندڙ ملازمن کان جيئڻ جو حق کسڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺل آهن
بزرگ ملازم جيڪي سڄي ڄمار تعليم، صحت ۽ ٻين شعبي ۾ خدمتون ڏئي رٽائر ٿيا آهن، اڄ علاج لاءِ به محتاج ٿي ويا آهن. حڪومت نه رڳو پينشن گهٽ ڪئي آهي، پر ميڊيڪل الائونس ۾ به ڪا به مناسب واڌ نه ڪئي وئي آهي. ڪيترا پينشنر دوائن لاءِ قرضن تي گذارو ڪرڻ تي مجبور آهن. هيءُ رڳو معاشي نه پر سماجي ظلم به آهي، جيڪو سڄي رياست جي وقار تي سوال اٿاري ٿو. جيڪڏهن حڪومت سمجهي ٿي ته پينشن گهٽ ڪرڻ سان پينشنرن جو گذارو ٿي ويندو، ته پوءِ چڱو ٿيندو وزير به هڪ مهينو صرف پينشن تي گذاري ڏسن ــ پوءِ خبر پوندي ته حساب ڪتاب ڪيترو ڏکيو آهي!
سنڌ حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته رٽائرڊ ملازم ڪنهن به رياست لاءِ اثاثو آهن، نه ڪي بار. انهن جي عزت ۽ مستقبل سان راند ڪرڻ سماجي انتشار کي جنم ڏيندو. 25 آگسٽ جو احتجاج حڪومت لاءِ آخري وارننگ آهي ته هاڻي به وقت آهي ۽ هو پينشن پاليسي تي نظرثاني ڪري۽ پراڻو 63.5 سيڪڙو وارو فارمولو ٻيهر بحال ڪري ان سان گڏ بنيادي پينشن تي الڳ الڳ واڌ لاڳو ڪرڻ وارو ظلم ختم ڪري.مهانگائي سان ڳنڍيل پاڻمرادو فارمولو لاڳو ڪري. ميڊيڪل الائونس ۾ حقيقي واڌ ڪري صحت جو تحفظ فراهم ڪيو وڃي