شيخ مجيب الرحمان پنهنجي قتل جي 50 سالن کان پوءِ تڪراري ڪيئن بڻيو؟

بنگلاديش جي تاريخ ۾ شيخ مجيب الرحمان جي حيثيت بابت بحث تڏهن کان جاري آهي، جڏهن کان عوامي ليگ جي ساڍا پنجتاليهه ورهين تي پکڙيل اقتدار ۾ هڪ طرفي تاريخ لکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سياسي تبديليءَ جي رڳو هڪ سال پوءِ صورتحال بلڪل بدلجي وئي ۽ هاڻي ملڪ ۾ مجيب جي ڪردار تي نئون سوال اڀري آيو آهي. تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته شيخ مجيب جو تصويري روپ هڪ سڄي نسل لاءِ سوال بڻيل آهي. اهو ئي پسمنظر هو جو جڏهن 15 آگسٽ 1975ع تي آزاديءَ جي جدوجهد جي هن وڏن اڳواڻ کي قتل ڪيو ويو، ته هاڻي ان واقعي کي به پنجاهه سال ٿي چڪا آهن. عوامي ليگ جي حڪومت ۾ سندس ورسي قومي سوڳ جي ڏينهن طور ملهائي ويندي هئي، آگسٽ جو سمورو مهينو سندس ورتي تقريبن لاءِ مخصوص هوندو هو، پر سياسي وايو منڊل بدلجڻ سان اهو سڀ ڪجهه ماضيءَ جو قصو بڻجي ويو. هاڻي عوامي ليگ وٽ اها سياسي طاقت ئي ناهي بچي ، جو پنهنجي اڳواڻ جي قتل تي ساڳيءَ شدت سان سوڳ ملهائي سگهي.

حقيقت ۾ شيخ حسينه خلاف عوامي ڪاوڙ ۽ ناراضگي، شيخ مجيب جي يادگيرين تي به اثرانداز ٿي آهي. گذريل سال جڏهن 5 آگسٽ تي عوامي ليگ جي حڪومت جو خاتمو ٿيو ته ڏاکڻي شهر ڍاڪا ۽ ٻين هنڌن تي شيخ مجيب جا مجسما ڪرايا ويا. ايتري تائين جو ان جي ڌان منڊي نمبر 32 ۾ رهائشگاهه کي به ڳري مشينري سان ڊاهي پٽ ڪيو ويو، جنهن سان ڍاڪا ۾ بيچيني ۽ افراتفري وڌي وئي.

انساني حقن جي اڳواڻ پروفيسر انو محمد جو چوڻ آهي ته اهي واقعا ٻن رخن سان ڏسڻ گهرجن: هڪ بي ساختگيءَ سان اڀريل عوامي ردعمل، ٻيو سياسي بنيادن تي جاري رکيل تحريڪ. سندن خيال ۾ عوام پنهنجي حقِ راءِ جي محروميءَ ۽ شيخ حسينه جي ڊگهي آمراڻي حڪومت جي ظلمن کان ٿڪجي پيا هئا. تنهن ڪري جڏهن بغاوت ٿي ته ڪجهه گروهن ان کي سياسي رنگ ڏنو. يعني مجيب تي ڪاوڙ اصل ۾ حسينه خلاف غصو هو. جيتوڻيڪ سندن ورسيءَ ۽ يادگيرين تي اڻ ڳڻيون ڪوششون ٿيون، شيخ مجيب جو نالو ۽ ڪردار بنگلاديش جي تاريخ مان ختم ڪري ئي نٿو سگهجي. مسئلو رڳو اهو آهي ته عوامي ليگ هن ورثي کي پنهنجي سياسي مفادن لاءِ ايتري حد تائين استعمال ڪيو، جو ماڻهو ڪاوڙجڻ لڳا. تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته شيخ مجيب جي جدوجهد ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿي: هڪ آزاديءَ جي تحريڪ جو اڳواڻ طور ۽ ٻيو 1972 کان 1975ع تائين سندن حڪمراني جو دور، جتي هن ’بڪسال‘ نالي گڏيل حڪومت جو تجربو ڪيو. 15 آگسٽ 1975 تي جڏهن سندن ئي ساٿين هٿان شيخ مجيب مارجي ويو، تڏهن کان وٺي سندن ڪردار بابت ڪيترائي سوال جواب جا منتظر آهن.

1996 ۾ شيخ حسينه جي قيادت هيٺ عوامي ليگ وري اقتدار ۾ آئي، پر ساڳئي وقت کان وٺي هڪ طرفي تاريخ لکڻ جي سياست به شروع ٿي. ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي پروفيسر شميم رضا جو چوڻ آهي ته آزاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ سياستدانن کي رياست جي ڪنٽرول ۾ پيش ڪرڻ جي ڪا پاليسي نه هئي، پر حسينه جي حڪومت ۾ شيخ مجيب کي هڪڙي اهڙي ڪردار طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ٿي جنهن ۾ ٻيا سڀ تاريخي ڪردار غائب ڪيا ويا. اها ڪاوش تاريخي لحاظ کان صحيح نه هئي، تنهنڪري ڪامياب به نه ٿي. ڪميونسٽ پارٽيءَ جا اڳواڻ به چون ٿا ته عوامي ليگ شيخ مجيب کي پارٽي مفادن لاءِ استعمال ڪيو ۽ ان هڪ من گھڙت داستان ٺاهي ڇڏي، پر اهڙيون شيون هميشه لاءِ نه هلنديون آهن، انهن سان حڪمران فرد ته آمر بڻجي وڃي ٿو پر آخرڪار نتيجو منفي نڪري ٿو. هاڻي صورتحال اها آهي جو عوامي ليگ زوال جو شڪار آهي. شيخ حسينه هندستان ۾ پناهه وٺي ويٺل آهي، ڪيترائي اڳواڻ جيلن ۾ آهن ۽ گهڻا ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا آهن. جڏهن ته مخالف گروهن ڌان منڊي نمبر 32 تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ شيخ مجيب جي حمايت ۾ اتي ڪا تقريب ٿيڻ نٿي ڏني وڃي. نتيجي ۾ سوشل ميڊيا تي شيخ مجيب بابت بحث ۽ تنقيد وڌي وئي آهي.

نئين نسل لاءِ به هي سڀ ڪجهه مونجهاري جو سبب آهي. نصابي ڪتابن ۾ شيخ مجيب کي هڪ جبل جهڙو اڳواڻ ڏيکاريو ويو، پر هاڻي اهي ڪتاب بدلجي ويا آهن ۽ سندن ڪردار بابت متضاد تصوير سامهون اچي رهي آهي. شاگرد چون ٿا ته هو مونجهاري ۾ آهن. حقيقت ۾ جولاءِ-آگسٽ جي تحريڪ ۾ جيڪي قوتون ميدان ۾ لهي آيون، انهن ۾ وڏي انگ نوجوانن جو هو. يعني عوامي ليگ جي تازي سياسي تاريخ ثابت ڪيو آهي ته طاقت جي زور تي تاريخ لکندڙ سياست آخرڪار ناڪام ٿيندي آهي، ۽ شيخ مجيب جهڙي وڏي نالي کي به تڪراري بڻائي ڇڏيندي آهي. بنگلاديش جي سياست ۾ اڄ سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته ڇا عوامي ليگ پاڻ پنهنجي زوال جي ذميوار ناهي؟ ڇا شيخ مجيب جي عظمت کي بي جا سياسي مصلحتن لاءِ استعمال ڪرڻ ئي ان پارٽي لاءِ زوال جو سبب بڻيو؟ ۽ ڇا نئين نسل جي ذهنن ۾ پيدا ٿيندڙ مونجهارو ان ڳالهه جو ثبوت ناهي ته تاريخ کي زبردستي ڪنٽرول ڪري ڪڏهن به ان کي ماڻهن تي مڙهي نٿو سگهجي.

عوامي ليگ جي تازي سياسي تاريخ ثابت ڪيو آهي ته طاقت جي زور تي تاريخ لکندڙ سياست آخرڪار ناڪام ٿيندي آهي، ۽ شيخ مجيب جهڙي وڏي نالي کي به تڪراري بڻائي ڇڏيندي آهي. بنگلاديش جي سياست ۾ اڄ سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته ڇا عوامي ليگ پاڻ پنهنجي زوال جي ذميوار ناهي؟ ڇا شيخ مجيب جي عظمت کي بي جا سياسي مصلحتن لاءِ استعمال ڪرڻ ئي ان پارٽي لاءِ زوال جو سبب بڻيو؟ ۽ ڇا نئين نسل جي ذهنن ۾ پيدا ٿيندڙ مونجهارو ان ڳالهه جو ثبوت ناهي ته تاريخ کي زبردستي ڪنٽرول ڪري ڪڏهن به ان کي ماڻهن تي مڙهي نٿو سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.