هري پور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي شهر هري پور ۾ تيز رفتار ايمبولينس موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻي ڇڏيو، جنهن ۾ زال مڙس زخمي ۽ سندن 6 مهينن جي ڌيءُ فوت ٿي وئي.
زخمي محمد ياسين موجب هو پنهنجي گهرواري ثمينا بي بي ۽ 6 مهينن جي ڌيءُ فاطما بي بي سان گڏ موٽر سائيڪل تي هري پور وڃي رهيو هو ته سڪندري پور ڀرسان ايمبولينس پويان ٽڪر هنيو.
پوليس ٻڌايو ته حادثي ۾ فاطا ٿڌي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته محمد ياسين ۽ سندس گهرواري کي معمولي ڌڪ لڳا.
Prev Post
You might also like