ڪَلا جِي انوکي ادا: ڪشور دا

تحرير: ياسر قاضي

ڪالهه، 4 آگسٽ تي ننڍي کنڊ جي البيلي آوازَ. ڪشور ڪمار جِي 96هِين سالگرهه گذري. ڪشور ڪمار جي آواز جِي ڇاپَ هن خطي جي هر ٻڌندڙ جي دل تي ايڏي گَهِري ۽ اُونهي آهي، جو جنهن به پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو به سندس آواز ٻڌو، اهو پنهنجي پوري عمر سندس آوازَ جي انفراديت کي ڪونه وساري سگھندو. کيس سندس حَسين ۽ دلين کي گرمائيندڙَ آواز جي ڪري جيڪا شهرت ملي، اها لافاني آهي ۽ هڪ پلي بئڪ راڳيءَ طور کيس بجا طور تي صدين تائين ياد رکيو ويندو.

اولهه بنگال ۾ ڀارتي رياست ’مَڌيا پرديش‘ جي ننڍڙي شهر ”کنڊوه“ ۾ ايڊووڪيٽ ڪُنج لعل گنگوليءَ ۽ ان جي ڌرم پتنيءَ ’گؤري ڪماريءَ‘ جي گھرِ، ٻن ڀائرن کانپوءِ ننڍي ۽ ٽئين ڀاءُ طور پيدا ٿيندڙ آڀاس ڪمار گنگوليءَ (جيڪو اڳتي هلي ’ڪشور ڪمار‘ جي نالي سان سُڃاتو ويو) جِي نه شڪل صورت ۾ ڪا غير معمولي ڳالهه هئي، جو هُو فلمي هيرو بڻجي سگھي، نه ئي ننڍپڻ ۾ سندس آواز ڪو ايڏو ڀلو هو، جو ڪوئي اهو اندازو ڪري سگھي ها ته اهو آواز اڳتي هلي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندو. بلڪه چيو وڃي ٿو ته ننڍپڻ ۾ سندس آواز ٻڌڻ ۾ انتهائي ناگوار ۽ چُڀندڙ هو. سندس وڏو ڀاءُ ۽ ڀارتي فلمن جو سپر اسٽار ’اشوڪ ڪمار‘ ٻڌائيندو هو ته: ”ننڍپڻ ۾ آڀاس (ڪشور) کي هڪ ڀيري پير ۾ ڪو ڌڪ لڳو. جنهن مان الاهي سارو رت وهيو ۽ ان ڌڪ جي نتيجي ۾ سُورَ سبب هي ٻارڙو چار پنجَ راتيون سُمهي نه سگھيو ۽ مسلسل روئندو رهيو، ڇاڪاڻ ته تيستائين سُور ختم ڪرڻ واريون دوائُون / گُوريُون (Pain Ki11ers) اڃا ايجاد ڪونه ٿيون هيون. ڏينهن رات روئڻ جي ڪري ننڍڙي ٻالڪَ، آڀاسَ جي ڳلي جُون آوازَ واريون رڳُون (Vocal Chords) ايترا کُلي ويا ۽ سندس آواز جي ٻاڙائي ختم ٿي وئي ۽ ان کانپوءِ هو کليل آواز سان ڳالهائڻ ۽ اڳتي هلي ڳائڻ به لڳو.“

ڪشور، 4 آگسٽ 1929ع تي پيدا ٿيو ۽ سندس وڏو ڀاءُ اشوڪ ڪمار هن کان لڳ ڀڳ 18 سال وڏو هو، ڇاڪاڻ ته هُو 1911ع ڌاري جي پئدائش هو. جڏهن ڪشور کنڊوي ۾ پيدا ٿيو هو، ته ان وقت ڀاڻَس اشوڪ ڪمار ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جي خُوبرُو هيرو طور راڄ ڪيُون ۽ بمبئي وسايُون ويٺو هو. کيس گھر ڀاتين سان گڏ سڄي فلم انڊسٽري پيار مان ’دادا مُنيءَ‘ جي نالي سان سُڃاڻيندي هئي ۽ اڄ به سندس لاڏاڻي کانپوءِ به ان ئي نالي سان ياد ڪري ٿي. اشوڪ ڪمار اداڪاريءَ سان گڏ پنهنجي مٿان فلمائڻ لاءِ 100 کان مٿي گيتَ به ڳائي چڪو هو.

ڪشور کي فطري طور سنگيت سان پيار هو، جيڪو سندس ننڍپڻ کان ظاهر ٿيڻ شروع ٿيو. هُو هوش سنڀالڻ کان وٺي پنهنجي دؤر جي جوان مرگ خوبرُو هيرو ۽ غيرمعمولي راڳيءَ ڪُندن لعل سهگل کي تمام گھڻو پسند ڪندو هو ۽ کيس پنهنجو ’گرُو‘ مڃيندو هو. ايترو ئي نه، بلڪه سندس انداز کي هُوبهُو نقل ڪري ڳائيندو به هو.

ڪشور جوان ٿيو ته ڀاڻس اشوڪ ڪمار جِي خواهش هئي ته ڪشور به هندي فلم نگريءَ ۾ داخل ٿئي، پر اداڪار جي حيثيت سان، جڏهن ته ڪشور سنگيت جو عاشق هو ۽ هُو اداڪاريءَ کان لنوائيندو هو. لاڏاڻي کان ڪجھه وقت اڳ لتا منگيشڪر کي ڏنل هڪ ٽيليويزن انٽريوءَ ۾ ڪشورَ ان ڳالهه جو سبب اهو ٻڌايو ته: ’اداڪاري ڪُوڙي هوندي آهي، جڏهن ته سنگيت دل مان نڪرندو آهي. تنهنڪري دادا مُنيءَ مونکي ايڪٽنگ ۾ پئي ڌِڪڻ چاهيو ۽ مون ڳائڻ کي پنهنجو ڪيريئر پئي بڻائڻ چاهيو.‘ ڪشور کي پهريون ڀيرو 1945ع ڌاري دادا مُني بمبئيءَ وٺي ويو ۽ 1946ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم ’شڪاري‘ ۾ هڪ معمولي ڪردار ۾ ايڪٽنگ به ڪرايائينس، جيڪا ڪشور جِي اداڪار طور باقاعدي پهرين فلم هئي. پر ڪشور جو سنگيت جو عشق ان جي سِرَ تي سوار هو ۽ هُو ڀاءُ، دادا مُنيءَ سان مسلسل انگل ڪندو رهيو ته ’مُونکي فلمن ۾ ڳائڻو آهي.‘ نيٺ ڪشور جي ان سپني جي تعبير ان زماني جي مشهور ميوزڪ ڊائريڪٽر، کيمچند پرڪاش جي هٿان ممڪن ٿي، جنهن کيس پنهنجي 1948ع ۾ رليز ٿيندڙ فلم ”ضدي“ ۾ بريڪ ڏيندي کائنس ٻه گيت ڳارايا، جن مان پهريون گيت ديو آنند تي فلمايو ويو. جنهن جا ٻولَ هئا: ”مرني ڪي دُعائين ڪيوُن مانگون، جيني ڪي تمنا ڪون ڪري…“ هي گيت ڪشورَ، هُوبهُو سهگل جي انداز ۾ ڳايو. فلم ته ڪامياب نه رهي، پر هي گيت ٻڌندڙن کي بيحد پسند آيو. ڪشور کي سهگل جي انداز مان ڪڍندڙ ۽ کيس پنهنجو الڳ ٿلڳ انداز ڏيندڙ موسيقار ’سچن ديوُ برمن‘ (ايس ڊِي برمن) هو، جنهن ڪلاسيڪي راڳ نه سکيل ڪشور کي تراشيو، سندس آواز جِي سهولت آڌار موزُون ’سُرن‘ (Sca1es) تي کيس ريڪارڊ ڪري هن کان بيحد حسين گيت ڳارائي کيس امر ڪري ڇڏيو. اهو ڪم ايس ڊِي برمن جي هوندي ئي سندس پُٽَ ’راهُول ديو برمن‘ (آر ڊِي برمن) به سنڀاليو ۽ ان جي ڪشور سان ساٿ ۾ ننڍي کنڊَ جا يادگار حسين گيت تخليق ٿيا. ايس ڊيءَ کيس ان زماني ۾ ڳارايو، جڏهن سَليل چوڌريءَ ۽ نوشاد عليءَ جهڙا موسيقار ڪشور کي اهو چئي رد ڪندا هئا ته ’هي ته سنگيت سکيل ڪلاڪار ئي ناهي! هن کي ڳائڻَ جي ڪهڙي خبر!‘ پر پوءِ سَلِيل چوڌريءَ ۽ خيام جهڙن ڏُکين موسيقارن به ڪشور جي خداداد صلاحيتن کي مڃيندي کانئس پنهنجا يادگار گيتَ ڳارايا. اهو سندس فن جو معجزو آهي ته هڪ بنگالي ڳالهائيندڙ جي شُڌُ اردو لهجي مان ڪڏهن اهو گمان نه ٿيو ته سندس مادري ٻولي ڪا ٻي آهي، نه ئي سندس هزارين گيتن منجھان ڪنهن هڪ گيت جي ڪنهن هڪ ’سُرَ‘ (نوٽ) ۾ ڪا بي سُرائي ظاهر ٿي.

 اداڪاريءَ کان وَنءٌ ويندڙ ڪشور ڪمار نه نه ڪندي به 113 فلمن ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، جن منجھان 40 فلمُون اهڙيون هيون، جن ۾ هن مرڪزي ڪردار ۾ (هِيرو طور) ڪم ڪيو. هنن فلمن مان اڪثريت مزاحيه فلمن جي هئي ۽ هُن هڪ ”مزاحيه هيرو“ طور پنهنجي سُڃاڻپ ٺاهِي. ڪشور ڪمار جو فني سفر 1948ع کان 1987ع (سندس لاڏاڻي تائين) 39 سالن تي محيط آهي. جن مان پهريان 20 سال (1948ع کان 1968ع تائين) سندس خاص سڃاڻپ اداڪار طور رهي. ان وچ ۾ هن چند سؤ گيت ئي ڳايا، انهن ۾ به اڪثريت انهن گيتن جي هئي، جيڪي مٿس پاڻ تي فلمايا ويا. انهن 20 سالن ۾ هن پاڻ کان سواءِ رڳو ديو آنند لاءِ ڳايو. جڏهن ته سندس فني سفر جو ٻيون دؤر، باقي 19 وَرهَن (1968ع کان 1987ع سندس لاڏاڻي تائين) جو آهي، جنهن ۾ انڪم ٽيڪس کاتي جي ڪاررواين ۽ فلم پروڊيوسرس ايسوسيئيشن وارن پاران اداڪار طور ڪشور ڪمار جي ڪم ڪرڻ تي لڳايل پابنديءَ سبب مٿس ڏکيو وقت آيو ته ايس ڊِي برمن جي ئي صلاح تي ڪشورَ، اداڪاري ڇڏي ڪُل وقتي ’پِلي بئڪ‘ راڳيءَ طور فقط ڳائڻ شروع ڪيو ۽ سوين فلمن لاءِ هزارين گيت ڳائي راجيش کنا، جيتيندر، اميتاڀ بچن، رشي ڪپور، ششي ڪپور، ونود کنا، فيروز خان، مٿن چڪربورتي، سنجي دت ۽ انيل ڪپور سميت اڻ ڳڻين هيروز جو آواز بڻيو ۽ هر سامع جي دل جِي ڌڙڪن بڻيو. ڪشور ڪمارَ پنهنجي ڪيريئر دؤران مجموعي طور 2 هزار 678 گيت ڳايا، جن ۾ رليز ٿيل توڙي رليز نه ٿي سگھندڙ ۽ غير فلمي گيت سڀ شامل آهن. هن تقريباً 1200 فلمن لاءِ ڳايو. هن راجيش کنا لاءِ 245، جيتيندر لاءِ 202، اميتاڀ بچن لاءِ 131 ۽ ديو آنند لاءِ 119 گيت ڳايا. کيس 8 ڀيرا ڀارتي فلم نگريءَ جو وڏي ۾ وڏو ايوارڊ ’فلم فيئر‘ مليو. هونئن ته ڪشور ڪمار، شمشاد بيگم کان وٺي لتا منگيشڪر، آشا ڀوسلي، سُلڪشنا پنڊت، اُوشا منگيشڪر جهڙين سينيئر ساٿي عورت ڪلاڪارائن کان وٺي انوراڌاپوڊوال، ڪويتا ڪرشنامُورتيءَ، الڪا ياگنڪ، ڪنچن، پُورنيم، انيتا پنٽُو، سپنا مُکرجي، سلميٰ آغا ۽ نازيه حسن تائين جونيئر ترين ڳائڻين سان به دوگانا ڳايا، پر سندس آواز کي جيترو آشا ۽ لتا سان گڏ پسند ڪيو ويو، ان جو مثال نٿو ملي. آشا ۽ لتا سان ڳايل رومانوي دوگانا ڪروڙين دلين جي اڄ به ڌڙڪن بڻيل آهن. هن آشا سان 600 کان وڌيڪ ۽ ان جي وڏي ڀيڻ لتا منگيشڪر سان لڳ ڀڳ 250 گيتن ۾ پنهنجو آواز شامل ڪري هن خطي کي لازوال گيتن جو ڪڏهن به نه وسرڻ جوڳو تحفو عطا ڪيو آهي. ڪشور جي آواز ۾ ڪجھه غيرفلمي گيتن تي ٻڌلَ آڊيو البم به رليز ٿيا، جن ۾ بنگالي ٻوليءَ ۾ رابندر ناٿ ٽئگور جي شاعريءَ تي مشتمل ڪجھه آڊيو البم به شامل آهن، جن مان ”دنر شيشي، گُھمَر ديشي“ (ترجمو: ’سانجھيءَ پاڇن جي ديس ۾‘) عنوان سان رليز ٿيل سندس البم بيحد مقبول ٿيو.

پنهنجي دؤر جي سڀني کان وڌيڪ مهانگي پلي بئڪ راڳيءَ ۽ آواز جي هن جادوگر پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏينهن تي به آشا ڀوسلي سان فلم ’وقت ڪي آواز‘ لاءِ هڪ دوگانو ”گرُو گرُو… آجائو گرُو… پيار ۾ ڊُوب جائو گرُو…“ ريڪارڊ ڪرايو. ان ئي رات کيس ٻيون ڀيرو دل جو دؤرو پيو. اڳ واري دؤري مان ته هن جي زندگي بچي وئي هئي، پر هن ٻئين جھٽڪي ۾ سندس حياتيءَ ساڻس نباهه نه ڪيو ۽ هُنَ ’بمبئي بريچ ڪينڊي اسپتال‘ ۾ پنهنجا آخري ساهه کڻي، اکيون ٻُوٽيون ۽ پنهنجن ڪروڙين مداحن کي مغموم ڇڏي هميشه لاءِ هليو ويو. پر کين پنهنجن هزارين گيتن رستي اهو حسين تحفو به ڏئي ويو، جن منجھان هر گيت اڻ ڳڻين چپن تي هميشه جھونگاربو رهندو ۽ کيس سداحيات رکندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.