ايران جي صدر دوري جي شروعات لاهور مان ڇو ڪئي؟

تحرير: حامد مير

ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان پنهنجي پاڪستاني دوري جي شروعات لاهور مان ڇو ڪئي؟ جيڪڏهن ڪو انهيءَ سوال جو ڳولهه ڪري ته کيس خبر پوندي ته هڪ شاعر ـ جنهن جو نالو پاڪستان ۾ علامه اقبال ۽ ايران ۾ "اقبال لاہوری” آهي ـ پنهنجي فڪر ذريعي پاڪستان کي نه رڳو ايران سان  پر ايران کي فلسطين سان به ڳنڍي ڇڏيو آهي. هيءُ شاعر "پيامِ مشرق” ۽ "اسرارِ خودي” جهڙن ڪتابن ذريعي نه صرف روحانيات ۽ خودشناسيءَ جو پيغام ڏنو، پر اُمت مسلمه جي اتحاد جو خواب به پيش ڪيو.

ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان، جيڪو پيشي جي لحاظ سان دل جو ماهر آهي، قرآن جو عالم به آهي، ۽ حضرت عليؓ جي خطبن ۽ "نهج البلاغه” جي ڪيترن ئي حصن کي زباني ياد رکي ٿو. علامه اقبال جي فارسي شاعريءَ لاءِ سندس دل ۾ بيحد عقيدت آهي. ايراني انقلاب جي سمجهه لاءِ جيڪڏهن ڪنهن کي ڊاڪٽر علي شريعتيءَ جي ڪتاب "هم و اقبال” جو مطالعو ڪرڻو پوي، ته اها ڪا مبالغي واري ڳالهه نه هوندي. ڪيترا ئي سال اڳ، لاهور ۾ قائم خانه  فرهنگ ايران جي شهيد سربراهه صادق گنجي مون کي ٻڌايو هو ته جڏهن ايراني نوجوان رضا شاهه جي حڪومت خلاف روڊن تي نڪري آيا هئا، ته سندن زبان تي اقبال جا شعر هوندا هئا.

اهو ئي سبب آهي جو ايراني انقلاب کان پوءِ علامه اقبال جي شاعريءَ کي ايران جي تعليمي ادارن جي نصاب جو حصو بڻايو ويو، ۽ ايران جي ڪيترن ئي ادارن، روڊن ۽ شاهراهن کي "اقبال لاهوري” سان منسوب ڪيو ويو. ٻه آگسٽ تي جڏهن ايران جو صدر پاڪستان جي دوري تي آيو، ته هن پنهنجي دوري جي شروعات علامه اقبال جي مزار تي حاضريءَ سان ڪئي. اها ڪا روايتي رسمن واري حاضري نه هئي، پر سندس اکين مان اقبال لاءِ محبت ۽ عقيدت واضع طور تي جھلڪندي پئي نظر آئي.

شڪ ناهي ته پاڪستاني عوام جي وڏي اڪثريت کي ايتري ڄاڻ به نه هوندي ته ايران جا اعليٰ ترين اڳواڻ علامه اقبال سان ڪيتري عقيدت رکن ٿا. ايران جو روحاني اڳواڻ آيت الله علي خامنه اي علامه اقبال جا 2000 کان وڌيڪ شعر زباني ياد رکي ٿو ۽ پاڻ به اقبال تي هڪ ڪتاب جو ليکڪ آهي. جڏهن ايران ۽ عراق وچ ۾ جنگ هلندڙ هئي، تڏهن علي خامنه اي ايران جو صدر هو، ۽ انهيءَ ئي دور ۾ هن پاڪستان جو دورو ڪيو. 1986ع ۾ جڏهن خامنه اي پاڪستان آيو، ته هن پنهنجي ميزبانن کي ٻڌايو ته هن جي پاڪستان سان محبت جا ٻه وڏا سبب آهن: هڪ ته علامه اقبال، ۽ ٻيو ته رضا شاهه طرفان جلاوطني دوران جيڪي ٿورا ڏينهن هو خاموشيءَ سان هتي گذاري ويو، تن ڏينهن ۾ هڪ شهر "ڪراچي” به شامل هو.

اڄ علي خامنه اي جي عمر 86 سال آهي، ۽ هو 36 سالن کان ايران جو سپريم ليڊر ۽ ڪمانڊر انچيف آهي. هن ڊگهي عرصي ۾ رڳو هڪ سرڪاري دورو ڪيو، ۽ اهو دورو پاڪستان جو هو.

 13 جون 2025ع تي جڏهن اسرائيل ايران تي حملو ڪيو، ته پاڪستان پنهنجي ڀاءُ ملڪ ايران جي ڀرپور حمايت ڪئي، جنهن تي ايراني پارليامينٽ ”تشڪر پاڪستان، تشڪر پاڪستان“ جي نعريبازي سان گونجي اٿي. ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جو دورو به دراصل پاڪستان جي برادراڻي جذبي جو شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ هو. لاهور کان پوءِ جڏهن ايران جو صدر اسلام آباد پهتو، ته هن وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ٻين اعليٰ حڪومتي شخصيتن سان اهم ملاقاتون ڪيون، جن ۾ ٻيا اهم معاملا ته هئا ئي، پر خاص طور تي ايران- پاڪستان گئس پائپ لائن منصوبي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.

ايران کي هاڻ سمجھائڻ جي ضرورت نه آهي ته پاڪستان ڇو هن منصوبي کي اڳتي وڌائڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪا ڇهن هندستاني ڪمپنين تي پابنديون لاڳو ڪيون، جيڪي ايران کان تيل خريد ڪري رهيون هيون، ان سان گڏ آمريڪا طرفان ڀارت تي 25 سيڪڙو ٽئريف لاڳو ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستان تي 19 سيڪڙو ٽئريف لاڳو ڪيو ويو. ظاهري طور تي ڀارت جي ڀيٽ ۾ پاڪستان تي ٽئريف گهٽ آهي، پر پاڪستان جي اقتصادي حالتن جي روشنيءَ ۾ اهو به گهڻو آهي.

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۾ تيل جا وڏا ذخيرا موجود آهن، جن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان جي مدد ڪندو، ۽ اها به ممڪن ڳالهه آهي ته هڪ ڏينهن پاڪستان اهو تيل ڀارت کي وڪرو ڪندو.عام راءِ آهي ته ٽرمپ هن بيان ذريعي ڀارت تي دٻاءُ وڌو، پر ان بيان جي ٻئي ڏينهن خبر هلي ته پاڪستان هاڻ آمريڪا کان تيل خريد ڪندو. ان سان گڏ آمريڪا طرفان ڀارت جي ڪمپنين تي پابنديون لڳائڻ، پاڪستان لاءِ هڪ واضح پيغام هو ته جيڪڏهن اوهان به ايران کان تيل يا گئس خريد ڪئي، ته اوهان تي به اهڙيون ئي پابنديون لاڳو ٿي سگهن ٿيون.ايران حالتن جي نزاکت کي چڱيءَ ريت سمجهي ٿو. ايران جيڪڏهن چاهي ته پاڪستان خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ۽ ڳرو ڏنڊ لاڳو ڪرائي سگهي ٿو. پر سپريم ليڊر علي خامنه اي، ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان کي هدايت ڪئي ته قانوني جنگ بدران ڳالهه ٻولهه وسيلي ڪو حل ڳوليو وڃي.

پاڪستان به ڄاڻي ٿو ته جن تيل جي ذخيرن جو ٽرمپ ذڪر ڪيو آهي، انهن مان فائدو وٺڻ لاءِ اڃا ڪيترائي سال انتظار ڪرڻو پوندو، ۽ آمريڪا کان مهانگو تيل خريد ڪرڻ پاڪستان جي مفاد ۾ نه آهي. گئس پائپ لائن منصوبي مان نڪرڻ جو رستو ڳولڻ، هڪ اهڙو چئلينج آهي، جنهن لاءِ پاڪستان ايران کان بار بار وقت پيو گهرندو رهي ٿو.پر پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا رڳو هڪ پائپ لائن جي چوڌاري ڦرندڙ نه آهن. اهي لاڳاپا اُن فڪر ۽ فلسفي سان ڳنڍيل آهن، جيڪو علامه اقبال جي شاعريءَ مان جنم وٺي ٿو. اقبال فرمايو هو:

فرقہ بندی ہے کہیں اور کہیں ذاتیں ہیں

کیا زمانے میں پنپنے کی یہی باتیں ہیں؟

اهو ئي اقبال لاهوري جو سچو پوئلڳ علي خامنه اي، 2010ع ۾ صحابه ڪرام ۽ امهاتي المؤمنين جي شان ۾ گستاخيءَ خلاف هڪ واضح فتويٰ جاري ڪري فرقيواريت تي سخت ضرب هنئي. جيڪڏهن گئس پائپ لائين منصوبي جو حل نه به نڪري، تڏهن به پاڪستان، ايران ۽ ٻين اسلامي ملڪن کي گهرجي ته اهي گڏجي فرقيواري عداوتن کي گهٽائڻ لاءِ عملي قدم کڻن.ڇا اهڙن قدمن تي آمريڪا ڪا پابندي لڳائيندو؟ يقينن نه. ۽ جيڪڏهن اهڙي ڪابه پابندي ناهي، ته پوءِ ڊڄڻ جي ڪهڙي ڳالهه؟ اڳتي وڌو. علامه اقبال جي فڪر جي روشنيءَ ۾، علي خامنه اي جيڪو فتويٰ جاري ڪيو، ان کي پاڪستان، سعودي عرب سميت سمورن اسلامي ملڪن جي عالمن کان تائيد وٺو، ۽ اسلام دشمن قوتن جي سازشن کي ناڪام بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.