تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڄ اي پي سي، انتظاميا اجازت نه ڏني

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد انتظاميا، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان کي اي پي سي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، جنهن هوٽل ۾ پروگرام ٿيڻ وارو هو، ان جي بڪنگ به رد ڪئي وئي، ان جو مطلب آهي ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان تي به اڻ اعلانيل پابندي لڳي چُڪي آهي، مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته ملڪ ۾ هائبرڊ نظام اپوزيشن نه ٿو چاهي، پارليامينٽ ۾ غير نمائندا ويٺل آهن، ايئن ملڪ ناهي هلندو، سڀاڻي اي پي سي ۾ موقف ٻڌائينداسين، انتظاميا هوٽل وارن کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، ڪانفرنس ڪرڻ آئيني حق آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.