مٺياڻي(ن ع آ) مٺياڻي ڀرسان نوان جتوئي ۾ اوطاق تي ويٺل نوجوان پراسرار نموني گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ، زخمي کي فوري طور نوان جتوئي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان کيس فرسٽ ايڊ ڏئي مورو اسپتال منتقل ڪيو ويو ، جتي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، نوجوان جي سڃاڻپ نادر علي ولد غلام نبي کوسو طور ٿي ۔ لاش قانوني گھرجن بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ۔ ان موقعي تي سندس وارثن الزام لڳائيندي چيو ته اسان جي گھرن مٿان مسلسل فائرنگ جو سلسلو جاري رکيو ويو، جنھن ۾ سڪندر کوسو، آصف کوسو، فقيرروشن کوسو، لونگ کوسو، جان محمد کوسو، شاھ علي کوسو ۽ ٻيا ملوث آھن، جن فائرنگ ڪري اسان جو حاضر سروس فوجي نوجوان قتل ڪيو آھي،هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڌر سڪندر علي کوسو سوشل ميڊيا تي بيان ڏنو آهي ته منھنجو ان قتل سان ڪو به واسطو ناهي ۽ واقعي واري ٽائيم اسان ايس ايس پي نوشھروفيروز وٽ موجود هئاسين ، واقعي جي صاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ان ۾ جيڪو به ملوث هجي ان کي سخت سزا ڏني وڃي.