ڀارت جي پاڪستان کي دهشتگردي سان جوڙڻ جي ڪُڌي ڪوشش ناڪام

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي گودي ميڊيا پاران ملائيشيا جي وزيراعظم جي انٽرويو دوران پاڪستان کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ جي هڪ ٻي ڪُڌي ڪوشش ناڪام ٿي وئي.

ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ کان صاف انڪار ڪندي چيو ته ملائيشيا جي سلامتي وارن ادارن کيس اهو نه ٻڌايو آهي ته پاڪستان جي رياست دهشتگردي سان ڳنڍيل آهي.

برڪس سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جي دوري تي آيل ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي.

انور ابراهيم فلسطين تي اسرائيلي قبضي جي خاتمي جو مطالبو ڪندي چيو ته غزه ۾ لڳاتار جاري اسرائيلي حملا اسرائيل جي رياستي دهشتگردي آهن.

ان موقعي تي ڀارتي صحافي پنهنجي سوال ذريعي پهلگام واقعي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي انور ابراهيم چيو ته ملائيشيا جي سلامتي وارن ادارن کيس اهو نه ٻڌايو آهي ته پاڪستان جي رياست دهشتگردي سان ڳنڍيل آهي، جڏهن ته پهلگام واقعي بابت به کيس ڪو ثبوت فراهم نه ڪيو ويو آهي.

You might also like