سنڌ حڪومت گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 40 هزار رپيا مقرر ڪري ڇڏي،نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي جي سڀني صنعتي ۽ تجارتي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 40،000رپيا مقرر ڪرڻ جو سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جيڪو پهرين جولاءِ 2025 کان لاڳو ٿيندو. سنڌ جي محنت واري وزير شاهد ٿهيم جو چوڻ آهي ته نيم مهارت رکندڙ مزدورن جي ماهوار اجرت 41،380رپيا، مهارت رکندڙ مزدورن جي اجرت 49،628رپيا ۽ انتهائي مهارت رکندڙ مزدورن جي اجرت 51،745رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. هي اجرت سڀني رجسٽرڊ ۽ غير رجسٽرڊ صنعتي ۽ تجارتي ادارن تي برابر لاڳو ٿيندي، جڏهن ته مرد ۽ عورت مزدورن کي برابر بنيادن تي ادا ڪئي ويندي. اهڙيون سڀئي ادارا جتي مزدورن کي ڪلاڪ جي حساب سان اجرت ڏني ويندي آهي انهن کي يقيني بڻائڻو پوندو ته انهن کي گهٽ ۾ گهٽ 192 رپيا في ڪلاڪ ادا ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت مزدور دوست پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي ۽ مزدورن جي ڀلائي، منصفانه اجرت ۽ بهتر ماحول کي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. گهٽ ۾ گهٽ اجرت وڌائڻ جو مقصد مهانگائي جي دٻاءُ کي گهٽائڻ ۽ مزدور طبقي کي باوقار زندگي فراهم ڪرڻ آهي. ليبر ڊپارٽمينٽ صنعتڪارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ ليبر قانونن تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.