اسلام آباد/لاهور(مزمل سهروردي+زاهد گشڪوري+عمران شفقت)ملڪ رياض جي ملڪ بدري لاءِ پاڪستان سرڪار گڏيل عرب امارات جي حڪومت سان رابطو ڪري ورتو،بحريا ٽائون ڪيس ۾جاچ جودائرو وڌي ويو، ذريعن موجب ڪرنل(ر)خليل جي گرفتاري واري رات ملڪ جي اهم سياسي شخصيت جيڪا چونڊيل ناهي اها رات دير هن کي بچائڻ لاءِ هٿ پير هڻندي رهي، ٻن رٽائرڊ برگيڊيئرن ۽ هڪ ڪرنل(ر) سميت گرفتار ٿيل 10 ماڻهن جو جسماني رمانڊ ورتو ويو آهي،فوج جي ٻن وڌيڪ رٽائرڊ آفيسرن کي گرفتار ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، گرفتار ٿيل رٽائرڊ فوجي آفيسر ملڪ رياض جي ٻاهرين ملڪ فرار ٿيڻ سبب بحريا ٽائون جا سمورا معاملا هلائي رهيا هئا، ان کان علاه مني لانڊرنگ جو ريفرنس تيار ٿي چڪو آهي، 11 ملڪن کي ان سلسلي ۾ خط لکيا ويا آهن جن ۾ سعودي عرب،جارجيا،يو اي اي،قطر،آمريڪا،برطانيا شامل آهن، ڪي پي مان ملڪ رياض جي ڀاءُ ملڪ فرحت کي به گرفتار ڪرڻ جا اطلاع هئا پر نيب اڃا تائين ان جي تصديق ناهي ڪئي، ٻين رهائشي سوسائٽين خلاف به ڪارروائي ٿيڻ واري آهي،جن ۾ گلبرگ گرين،ممتاز سٽي شامل آهن،لاهور ۾ بحريا ٽائون ۾ ملڪ رياض ئي صدر زرداري کي ”بلاول هائوس“ ٺاهي ڏنو هو،بحريا ٽائون ڪراچي جي ڪيس ۾ ملڪ رياض تي 460 ارب رپين جو ڏنڊ عدالت لڳائي چڪي آهي،ان ڪيس ۾ پ پ جي قيادت جا نالا به اچي سگهن ٿا،حمزا شهباز،سليمان شهباز جو به ملڪ رياض سان تعلق رهيو آهي،اسلام آباد جي هڪ سياسي شخصيت به ريڊار تي اچي وئي،کوکر خاندان ڪنهن زماني ۾ بحريا ٽائون سان گڏجي پراجيڪٽ هلايو هو،ان کان علاوه ڪراچي ۾ بحريا ٽائون لاءِ مدد ڪندڙ سنڌ جي سياسي خاندان خلاف به انڪوائري شروع ٿي چڪي آهي،بحريا ٽائون خلاف 31 مختلف ڪيس ٺهي چڪا آهن،ريفرنس فائل ٿي چڪو آهي،کربين رپين جي مني لانڊرنگ جي معاملي تي جاچ هلي رهي آهي،ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ هائوسنگ سوسائٽين خلاف جاچ لاءِ نوٽيس جاري ٿي رهيا آهن،ملڪ رياض تي دٻاءُ وڌي ويو آهي،ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته يا ته هو پنهنجو ڪاروبار ڇڏي ڏيندو يا سرينڊر ڪري ڇڏيندو،يا بيان ڏيندو،نيب سرگرم ٿي وئي آهي،ملڪ رياض جو يو اي اي ۾ رهڻ مشڪل ٿي ويندو،ملڪ رياض جي خاندان جو چوڻ آهي ته اهو سياسي انتقام ورتو پيو وڃي،انهن جي ڪاروبار کي تباهه ڪيو پيو وڃي،جيئڻ تنگ ڪيو ويو آهي،ملڪ رياض سرينڊر نه ڪندو،ملڪ رياض جون آفيسون سيل ڪيل آهن،بئنڪ ٽرانزيڪشن بند پيل آهي،اربين رپيا ضبط ڪيا ويا آهن،هزارين پلاٽ ٽرانسفر نٿا ٿي سگهن، ٻئي پاسي پاڪستان جي سياسي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ سان اهم شخصيت جي ملاقات کانپوءِ ماحول بدلجي چڪو آهي،معاملا ڪنهن ٻئي طرف وڃي سگهن ٿا،اها ملاقات پاڪستان جي موجوده سياسي نظام تي ڳري ثابت ٿي سگهي ٿي.