زائرين لاءِ زميني رستو بند رهيو ته 50 اربن جو نقصان ٿيندو: ناصر عباس

 اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽر علامه راجا ناصر عباس چيو آهي ته جيڪڏهن ڪربلا ۾ اربعين لاءِ زميني رستي سان وڃڻ تيپابندي برقرار رهي ته ملڪ کي 50 ارب رپين جو نقصان ٿي سگهي ٿو. مذهبي معاملن بابت سينيٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سينيٽر عطا الرحمان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ امام حسين جي چاليهي لاءِ ڪربلا ويندڙ زائرين تي زميني  پابندي جي حوالي سان وزارت مذهبي امور بريفنگ ڏني. اجلاس دوران علامه ناصر عباس چيو ته جيڪڏهن متبادل ذريعا استعمال ڪيا ويا ته اربعين تي 48 ارب رپين جو اضافي خرچ ايندو، عبادتن سان لاڳاپيل مسئلن کي مذهبي وزارت وڌيڪ سمجهي ٿي، هي گهرو ڪميٽي جو معاملو نه آهي.اجلاس دوران مذهبي معاملن جي سيڪريٽري چيو ته سمنڊ جي رستي وڃڻ بابت به مشاورت ٿي آهي، ايران، عراق ۽ پاڪستان جي وزرائن داخلا نون رستن تي اتفاق ڪيو آهي، افغانستان جي رستي سان وڃڻ ۾ سيڪيورٽي مسئلا آهن. مذهبي معاملن جي وزير محمد يوسُف چيو ته اسان ڪنهن به پابندي نه لڳائي آهي، اسان هر طريقي سان توهان سان گڏ آهيون. وزير مذهبي امور سردار يوسُف چيو ته هن سال جي رهجي ويل حاجين کي ايندڙ سال حج ۾ ترجيح ڏني ويندي، 10 هزار کان وڌيڪ حاجين پنهنجا پئسا واپس وٺي چڪا آهن، باقي حاجين کي به چيو ويو آهي ته جيڪڏهن هو پئسا واپس وٺڻ چاهين ته وٺي سگهن ٿا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.