آءِ ايم ايف پاران پاڪستان جي سڀني هدفن تي اطمينان جو اظهار

آءِ ايم ايف مشن جي ايندڙ قسط لاءِ معاشي جائزي بابت ڳالهين لاءِ هن مهيني پاڪستان اچڻ جي اڃا تائين تصديق نه ٿي سگهي آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مشن جي پاڪستان اچڻ جي اڃا تائين ڪا تصديق ناهي ٿي، تنهنڪري آءِ ايم ايف سان ڳالهيون آن لائين پڻ ٿي سگهن ٿيون.

ذريعن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف هن وقت پاڪستان جي سمورن هدفن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف جي اطمينان جو وڏو سبب پاڪستان پاران بانڊ جاري ڪرڻ آهي.

ذريعن موجب بجلي جو وڌندڙ گردشي قرض حڪومت لاءِ وڏو چئلينج بڻجي سگهي ٿو، ڳالهين دوران پاڪستان کي گردشي قرض بابت سخت سوالن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

ان کانسواءِ آءِ ايم ايف سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي جي شرط لاڳو ڪري رکي آهي. وفاقي حڪومت سرڪاري خرچ گهٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جنهن بابت باضابطه نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

You might also like