مبينا شڪي انجري ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ قومي ڪرڪيٽر امام الحق خلاف شروعاتي جاچ رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب امام الحق تي جعلي انجري، ڊريسنگ روم جون ڳالهيون ٻاهر پهچائڻ ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي جا الزام آهن، جڏهن ته ٽيسٽ ٽيم جي اوپنر جي پراڻي معاملي واري فائيل به ٻيهر کوليو ويو آهي، جنهن سبب مٿس پابندي لڳڻ جو به امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انگلينڊ جي دوري کان اڳ نيوزيلينڊ جي دوري دوران امام الحق کي ٿيل انجري بابت به ڪرڪيٽ بورڊ کي شڪ هئا. اڳوڻي انجري بابت جاچ کانپوءِ اوپنر تي ٻن سالن جي پابندي جي سفارش ڪئي وئي هئي.
ذريعن موجب اڳوڻي هيڊ ڪوچ ۽ اڳوڻي چونڊيندڙ اختيارين سان ملاقات ڪري امام الحق تي پابندي نه لڳائڻ جي سفارش ڪئي هئي، جڏهن ته هڪ اڳوڻي ڪپتان به امام الحق کي پابندي کان بچائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.