اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)حڪومت موٽرسائيڪلن، رڪشن، چنگچي ۽ ننڍين گاڏين لاءِ پيٽرول تي 100 رپيا في ليٽر خاص رعايت حاصل ڪرڻ جو طريقو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت رعايتي رٿ جو طريقو جاري ڪندي چيو آهي ته شهري REG لکي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر 9771 تي موڪلين. ان سان گڏ گاڏي جو نمبر، صوبي جو ڪوڊ ۽ رجسٽريشن جي تاريخ پڻ لکڻي پوندي.
انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت موجب ٻارڻ جو ٽوڪن حاصل ڪرڻ لاءِ TOK لکي 9771 تي پيغام موڪلڻو پوندو، جنهن کانپوءِ ٻارڻ جو ٽوڪن ڏيکاري رعايتي اگهه تي پيٽرول حاصل ڪري سگهجي ٿو.
وزارت موجب اسلام آباد ۾ سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات کان رعايت شروع ٿيندي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ اربع ۽ خميس جي وچ واري رات کان رعايت دستياب هوندي.
وزارت جو چوڻ آهي ته اهل شهرين کي پيٽرول تي في ليٽر 100 رپيا رعايت ملندي. موٽرسائيڪل ۽ چنگچي لاءِ هر مهيني 20 ليٽر، جڏهن ته 800 سي سي تائين گاڏين لاءِ هر مهيني 30 ليٽر رعايتي پيٽرول جي حد مقرر ڪئي وئي آهي.