خطي جا ملڪ ڀائر آهن، پاڙيسرين کي پنهنجي ڌرتي تان ايران تي حملن جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي: پزشڪيان

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته خطي جا ملڪ اسان جا ڀائر آهن، پاڙيسري ملڪن کي پنهنجي سرزمين تان ايران تي حملن جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.

هڪ انٽرويو ۾ مسعود پزشڪيان چيو ته جنگ ايران شروع ناهي ڪئي، آمريڪا ۽ اسرائيل شروع ڪئي، ايران رڳو پنهنجو بچاءُ ڪري رهيو آهي ۽ جنگ نٿو چاهي.

هن چيو ته ايران کي گڏيل عرب امارتن يا خطي جي ڪنهن ٻئي ملڪ سان مسئلو ناهي، پر خطي ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏا ايران خلاف حملن لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن.

ايراني صدر چيو ته هو خطي جي سڀني ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو، پر آمريڪا ائين ٿيڻ نٿو ڏئي. سندس چوڻ هو ته خطي جي سلامتي لاءِ سمورن ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.

هن پاڪستان کي دوست پاڙيسري ملڪ قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان امن لاءِ تمام گهڻي مدد ڪئي آهي، جڏهن ته قطر به مدد ڪئي. هن چيو ته ايران جو آمريڪا سان جوهري معاملن تي ڳالهين لاءِ ويهڻ تيار آهي، پر سڌين ڳالهين بابت اڃا ڪو فيصلو نٿو ڪري سگهجي.

سعودي عرب ۽ حوثين جي تڪرار بابت پزشڪيان چيو ته ايران جي سعودي عرب سان ڪا جنگ ناهي، حوثين جا پنهنجا مسئلا آهن.

ايراني سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي بابت هن چيو ته هو زنده آهن ۽ اڳ وانگر پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته دشمن سندن هنڌ معلوم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.

You might also like