ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)رياست مخالف بيانئي تي گهرو کاتي بلوچستان ڪارروائي ڪندي 100 سرڪاري ملازمن کي نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو.
گهرو معاملن بابت معاون وزير بابر يوسفزئي جو چوڻ هو ته برطرف ڪيل ملازمن ۾ 95 يونيورسٽي جا استاد شامل آهن.
هن ٻڌايو ته صحت کاتي جا 3 ملازم ۽ ٻيا 2 سرڪاري ملازم پڻ نوڪري مان برطرف ڪيا ويا آهن.
بابر يوسفزئي چيو ته برطرف ڪيل ملازمن سرڪاري حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي، ملڪ خلاف زهريلو بيان ڏيندڙن کي نه ڇڏيو ويندو.