پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئرسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته عوام کي رليف ڏيارڻ لاءِ جماعت اسلامي جي ڌرڻي جي حمايت ڪريون ٿا.
بئرسٽر گوهر چيو ته جماعت اسلامي کي لانگ مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏينداسين.
تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته حافظ نعيم الرحمان کي لانگ مارچ ۾ گڏ هلڻ جي درخواست آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هڪ ٻئي کي چور ۽ ڌاڙيل سڏڻ جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي.