پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو: جلسن، جلوسن ۽ ڌرڻ تي پابندي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب حڪومت صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ممڪن دهشتگردي جي خطرن کي نظر ۾ رکندي سڄي صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.

پنجاب جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سڄي صوبي ۾ عوامي هنڌن، روڊن، شاهراهن ۽ کليل جڳهن تي 5 يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ، ريلي، جلسي، جلوس، ڌرڻي ۽ مظاهرن تي پابندي لڳائي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب قانون لاڳو ڪندڙ ۽ ڳجهن ادارن پاران پنجاب ۾ عوامي ميڙ دوران دهشتگردي جي ممڪن خطرن بابت رپورٽون مليون آهن.

قلم 144 تحت شادي جون تقريبون، جنازي جي نماز، تدفين ۽ مسجدن توڙي گرجا گهرن ۾ عبادت کي پابندي کان ڇوٽ ڏني وئي آهي، جڏهن ته سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن جا سرڪاري فرض ۽ عدالتن جون ڪارروايون پڻ پابندي کان آجيون هونديون.

You might also like