چين سان تعلق رکندڙ 106 ورهين جو وانگ ڊيئانگو پنهنجي غيرمعمولي روزمرهه زندگي ۽ 80 ورهين جي شادي سبب ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي.
چين جي صوبي ڙجيانگ جي علائقي روئي آن سان تعلق رکندڙ وانگ ايتري وڏي عمر باوجود پنهنجا گهڻا ڪم پاڻ ڪندو آهي ۽ ڪنهن تي ڀاڙڻ پسند نٿو ڪري.
سندس روزمرهه معمول به عام ماڻهن کان بلڪل مختلف آهي. وانگ شام جو 4 يا 5 وڳي سمهڻ لاءِ ويندو آهي ۽ رات جو لڳ ڀڳ هڪ وڳي جاڳندو آهي، جڏهن ته سندس ناشتو رات جو 3 وڳي هوندو آهي. ان کانپوءِ هو پنڌ ڪرڻ لاءِ نڪري ويندو آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سندس پٽ به پيءُ جي ان غيرمعمولي معمول کي اختيار ڪري چڪو آهي ۽ روزانو صبح جو تمام سوير اٿي سندس لاءِ ناشتو تيار ڪندو آهي.
وانگ رڳو ننڊ ۽ کاڌي جي وقتن سبب ئي منفرد ناهي، پر هو ڪپڙا ڌوئڻ، وهنجڻ ۽ ڪپڙا سبڻ جهڙا ڪم به پاڻ ڪندو آهي.
سندس کاڌو به سادو آهي ۽ هو گهڻو ڪري سامونڊي کاڌو کائڻ پسند ڪندو آهي.
جڏهن وانگ کان ڊگهي عمر جو راز پڇيو ويو ته هن هاڪاري سوچ، مضبوط خانداني روايتن، ڪم ڪرڻ ۽ نيون شيون سکڻ جي شوق کي ان جو سبب قرار ڏنو.
جيتوڻيڪ وانگ رڳو چار سال رسمي تعليم حاصل ڪئي، پر علم حاصل ڪرڻ جو شوق سندس ساٿ نه ڇڏيو. ننڍي عمر ۾ کيس ڳوٺ جو حساب ڪتاب رکڻ وارو مقرر ڪيو ويو، جتي ماڻهن کي ڏسندي ۽ انهن کان سکندي هن کاڌو پچائڻ سميت ڪيترن ئي ڪمن ۾ مهارت حاصل ڪئي.
وانگ ڊيئانگو ۽ سندس گهرواري هانگ ايلين جي شادي لڳ ڀڳ 80 ورهين تائين قائم رهي، کين هڪ پٽ آهي ۽ هاڻي سندن گهر ۾ خاندان جون چار پيڙهيون گڏ رهنديون آهن.
مقامي ماڻهو هن جوڙي کي مثالي زال مڙس سمجهندا آهن. ايتري قدر جو جڏهن به ڪنهن خاندان ۾ جهيڙا ٿيندا آهن ته ماڻهو معاملا سلجهائڻ لاءِ وانگ ۽ سندس گهرواري کان رهنمائي وٺندا آهن.
وانگ جي پٽ موجب سندس ماءُ جلدي ڪاوڙجي ويندي هئي، جڏهن ته پيءُ انتهائي نرم مزاج ۽ پرسڪون طبيعت وارو آهي.
پٽ ٻڌايو ته جڏهن به سندس ماءُ ڪاوڙ ۾ هوندي هئي ته وانگ بحث ڪرڻ بدران خاموشي سان کيس پاڻي جو گلاس ڏيندو هو. اهو طريقو اڪثر اثرائتو ثابت ٿيندو هو ۽ سندس ماءُ جو ڪاوڙ گهٽجي ويندو هو.
جڏهن ته گهرواري هانگ ايلين جي لاڏاڻي کانپوءِ وانگ لاءِ زندگي آسان نه رهي. هو ماڻهن کان الڳ رهڻ لڳو ۽ کيس ڪيترين ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، پر وقت گذرڻ سان پٽ جي مدد سان هن ٻيهر معمول واري زندگي ڏانهن موٽڻ شروع ڪيو.