خطي ۾ غيريقيني صورتحال باوجود پاڪستان جون ايران مان درآمدون وڌي ويون آهن.
ذريعن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن دوران پاڪستان جون ايران مان درآمدون 24 ڪروڙ 80 لک ڊالرن تائين پهتيون، جڏهن ته گذريل سال ساڳئي عرصي دوران ايران مان درآمدون 21 ڪروڙ 20 لک ڊالر هيون.
هلندڙ مالي سال جي شروعاتي ٻن مهينن دوران ايران مان درآمدن ۾ 17 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب جنگ دوران به پاڪستان جون ايران مان درآمدون جاري رهيون. سرڪاري انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مالي سال 2025-26 دوران ايران مان پاڪستان جون درآمدون 12 سيڪڙو واڌ سان هڪ ارب 39 ڪروڙ 50 لک ڊالر رڪارڊ ڪيون ويون.
ذريعن ٻڌايو ته هر گذرندڙ سال سان پاڪستان جو ايران مان درآمدن تي ڀاڙڻ وڌي رهيو آهي.
مالي سال 2024-25 دوران ايران مان درآمدون هڪ ارب 24 ڪروڙ 10 لک ڊالر، مالي سال 2023-24 دوران هڪ ارب 3 ڪروڙ 70 لک ڊالر، مالي سال 2022-23 دوران 88 ڪروڙ ڊالر، مالي سال 2021-22 دوران 77 ڪروڙ 38 لک ڊالر، مالي سال 2020-21 دوران 51 ڪروڙ 86 لک ڊالر ۽ مالي سال 2019-20 دوران 44 ڪروڙ ڊالر هيون.