ڪراچي ۾ سڀاڻي کان گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)موسميات کاتي موجب هوا جو گهٽ دٻاءُ وارو هڪ نظام ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۽ ڀرپاسي واري علائقي تي موجود آهي، جنهن جي اثر هيٺ اڄ کان 15 سيپٽمبر تائين ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، ٺٽي، سجاول ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ برسات جو امڪان آهي.

ان کانسواءِ 14 کان 15 سيپٽمبر دوران سانگهڙ، خيرپور، حيدرآباد، مٽياري ۽ ڄامشوري ۾ پڻ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 14 کان 15 سيپٽمبر دوران ڪراچي ۾ پڻ گجگوڙ سان گڏ هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته اڄ ۽ سڀاڻي گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like