ليوي ختم ڪرڻ جو مطالبو: 20 سيپٽمبر تي چئني پاسن کان اسلام آباد اينداسين: جماعت اسلامي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اسان هر صورت ۾ پيٽروليم ليوي ختم ڪرائينداسين ۽ 20 سيپٽمبر تي چئني طرفن کان اسلام آباد اينداسين.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته عوام پيٽروليم ليوي کي ڀتو ٽيڪس قرار ڏنو آهي، حڪومت کي پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻي پوندي. حڪومت کي مناسب تجويزون ڏنيون آهن، جيڪڏهن وياج جي شرح ۾ 3 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وڃي ته 1700 ارب رپيا بچائي سگهجن ٿا. شهباز شريف ٻڌائي ته وياج جي شرح گهٽ ڇو نٿا ڪن.

هن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ پنهنجن مطالبن تان دستبردار نه ٿينداسين، اسان ليوي ختم ڪرائينداسين. 36 شهرن ۾ ڌرڻا جاري آهن، 20 سيپٽمبر تي چئني طرفن کان اسلام آباد اينداسين، جيڪڏهن حڪومت ٽال مٽول کان ڪم ورتو ته ڳالهيون ختم ڪري ڇڏينداسين.

حافظ نعيم الرحمان چيو ته جيڪڏهن آزاد بجلي پيدا ڪندڙ ادارن جا معاهدا سامهون اچي وڃن ته سڄي قوم ٿُو ٿُو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، حالتون ڀلي ڪهڙيون به هجن، بجلي جي بلن ۾ پيداواري گنجائش جا خرچ لڳائي وصول ڪيا پيا وڃن. هن فراڊ ۾ مسلم ليگ ن، پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف سڀ شامل آهن، اهي پارٽيون ائين نٿيون ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ مافيا جا ماڻهو شامل آهن.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ دعوت ڏني ته ضرور وينداسين. اسان پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي سياسي قيدي سمجهون ٿا، جڏهن ته مخالف ڌر سان پڻ اسان جا رابطا آهن.

You might also like