واٽس ايپ اسٽيٽس ۾ اهم تبديلي، واهپيدارن لاءِ اسپيڊ ٻيڻي

جيڪڏهن واٽس ايپ اسٽيٽس وڊيوز ڏسڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳي ٿو ته هاڻي اهي تمام تيزيءَ سان ڏسي سگهجن ٿيون.

هڪ رپورٽ موجب هاڻي واٽس ايپ اسٽيٽس وڊيوز کي ٻيڻي رفتار سان هلائي سگهجي ٿو.

ان لاءِ ڪنهن به اسٽيٽس وڊيو جي اسڪرين جي ساڄي پاسي آڱر رکي دٻائي رکڻي پوندي، جنهن سان وڊيو ٻيڻي رفتار سان هلندي.

آڱر اسڪرين تان کڻڻ سان اسٽيٽس وڊيو جي رفتار ٻيهر معمول تي اچي ويندي.

مطلب ته ڪنهن به قسم جي جوڙجڪ تبديل ڪرڻ يا سهولت کي هلائڻ يا بند ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.

هي نئين سهولت آءِ او ايس وارن اوزارن لاءِ واٽس ايپ جي نئين آزمائشي نموني ۾ نظر آئي آهي.

عام طور تي اسٽيٽس وڊيوز ڏسڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪيترن ئي رابطن پاران اسٽيٽس تي وڊيوز شيئر ڪيون ويون هجن ته انهن کي ڏسڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳي وڃي ٿو.

انهيءَ سبب واٽس ايپ پاران وڊيو هلڻ جي رفتار تي ضابطو رکڻ واري سهولت متعارف ڪرائي پئي وڃي.

رڳو اسڪرين جي ساڄي پاسي ڪنهن به هنڌ آڱر سان دٻائي رکڻ سان وڊيو هلڻ جي رفتار ٻيڻي، يعني 2x، ٿي ويندي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي سهولت هر اسٽيٽس وڊيو تي ڪم ڪندي.

جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته هن وقت اها سهولت آزمائشي نموني ۾ متعارف ڪرائي وئي آهي، تنهنڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته اها سمورن واهپيدارن لاءِ ڪڏهن دستياب ٿيندي.

You might also like