گهگهر ڀرسان بلوچستان واسي زال مڙس ۽ سندن معصوم پٽ قتل

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان جوابدارن پاران ڪهاڙين جا وار ڪري معصوم ٻار سميت 3 ڄڻا قتل، جوابدار فرار، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺي فوري جاچ جو حڪم، وڏي وزير پاران آءِ جي سنڌ کي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم، پوليس قتل ٿي ويل ٽنهي ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، واقعي جي ابتدائي جاچ شروع، خبرموجب: گهگهر ڦاٽڪ ويجهو ڀنڀو ڳوٺ ۾ جوابدارن ڪهاڙين جا وار ڪري هڪ معصوم نينگر سميت ٽن ڄڻن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، مقتولن جي سڃاڻپ عبدالمجيد وڌيو، سڪينه وڌيو ۽ معصوم ٻار عبدالنبي طور ٿي آهي، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي بعد پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيا، پوليس موجب واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا جڏهن ته قتل ٿي ويلن جو تعلق بلوچستان سان آهي، شروعاتي جاچ موجب جوابدارن ڇوڪري جي مائٽن کي فون ڪري اطلاع ڏنو، پوليس موجب ڄاڻايل جوڙي 3 سال اڳ شادي ڪئي هئي گذريل رات عورت جي ڀاءَ ۽ سئوٽ مهمان بڻجي گهر ۾ رات رهڻ بعد ٽنهي کي ڪهاڙي جي وار سان قتل ڪري فرار ٿي ويا واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گهگهر ڦاٽڪ ۾ 3 لاش ملڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري جاچ جو حڪم ڏنو آهي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي هدايت ڏيندي چيو ته قاتلن کي گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي اهڙي ڏوهه ڪندڙ حيوانن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو قاتلن کي هر حال ۾ گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو گهگهر ڦاٽڪ جي واقعي واري هنڌ پهچي ويو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون جوڙي ويون. پوليس موجب، ڪرائم سين يونٽ ۽ ٽيڪنيڪل ٽيمون واقعي واري هنڌ تان اهم شاهديون گڏ ڪري رهيون آهن، جن ۾ فنگر پرنٽس، رت جا داغ، هٿيارن جا نشان ۽ ٻين اهم ثبوتن جي جانچ ڪئي پئي وڃي.ايس ايس پي ملير جي هدايت تي پوليس جون گڏيل خاص ٽيمون پڻ جوڙيون ويون آهن .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.