کنڊ بحران: مافيا پاران کربين رپيا ڪمائڻ بعد نيٺ حڪومت سجاڳ!

اسلام آباد(بيورو/ م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف کنڊ بابت اجلاس ۾ هدايت ڏني آهي ته معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري وڌيڪ اگههوصول ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، وزيراعظم جي صدارت هيٺ کنڊ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عملدارن پاران بريفنگ ڏني وئي، عملدارن چيو ته کنڊ جي هٿراڌو کوٽ پيدا ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري آهن، ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان شوگر ملز ايسوسيئيشن ۽ حڪومت وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي، هن کنڊ جي ايڪس مل قيمت 165 رپيا ۽ رِيٽيل قيمت 173 رپيا تي سختي سان عملدرآمد جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري وڌيڪ قيمتون وٺندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪنهن کي به عوام جي معاشي استحصال جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي، ٻي پاسي ذريعن موجب حڪومت شگر سيڪٽر کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي، حتمي فيصلو وزيراعظم جي منظوري جي صورت ۾ ٿيندو،  ان حوالي سان وفاقي حڪومت پاران تجويزون تيار ڪيون ويون آهن، جن تحت حڪومت صرف 5 لک ٽن کنڊ جو بفر اسٽاڪ رکندي ۽ ان کان سواءِ ڪا به مداخلت نه ڪئي ويندي، ٻي پاسي وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل چيو آهي ته کنڊ جي قيمتن ۾ تازي واڌ جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ اميد آهي ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ کنڊ جون قيمتون هيٺ اچي وينديون، هن چيو ته جڏهن کنڊ جي برآمد جي اجازت ڏني وئي، تڏهن اضافي کنڊ موجود هئي، 5 لک ٽن اضافي بفر اسٽاڪ رکڻ بعد برآمد جي اجازت ڏني وئي، جڏهن وزيراعظم شهباز شريف کي خبر پئي ته هن فوري طور تي کنڊ جي برآمد روڪڻ جو حڪم ڏنو، پر ان وقت تائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي، وزيراعظم وفاقي وزير اويس لغاري جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا هن معاملي بابت مڪمل رپورٽ تيار ڪري پيش ڪندي، جيئن هي مسئلو ٻيهر پيدا نه ٿئي، ڊي سيز ۽ مڪاني انتظاميا کي ذميواريون سونپيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.