ايران اسرائيل تڪرار کانپوءِ، پاڪستان ايران سان پنهنجي سرحد بند ڪري ڇڏي، جنهن سان ٻارڻ جي فراهمي ۽ مڇيءَ جي برآمد ٻئي متاثر ٿيا. اهو ٻٽو ڌڪ اڳ ئي آبهوا جي تبديلي ۽ حد کان وڌيڪ شڪار کان متاثر ماهيگير برادرين لاءِ تباهه ڪن ثابت ٿيو آهي.بحرِ عرب جي ڪناري تي واقع، بلوچستان جو 770 ڪلوميٽر ڊگهو سامونڊي ڪنارو، ملڪ جي ماهيگيري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.بلوچستان فشريز ۽ ڪوسٽل ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي هڪ سينئر آفيسر علاؤالدين ڪڪڙ ٻڌايو ته: ”صوبي جا ماهيگير هر سال تقريباً 3 لک 40 هزار ٽن مڇي پڪڙين ٿا، جن جي مارڪيٽ ويليو لڳ ڀڳ 19.9 ارب رپيا (70.1 ملين ڊالر) آهي. ان ۾ ٽونا، اسپينش ميڪريل، ڪراڪر، انڊين آئل سارڊين ۽ انڊين ميڪريل جهڙيون قيمتي جنسون شامل آهن. بلوچستان ۾ 16,000 رجسٽرڊ ۽ 6,000 اڻ رجسٽرڊ ٻيڙيون مڇي شڪاري ۾ مصروف آهن، جيڪي هزارين خاندانن جو روزگار جو ذريعو آهن.“
مقامي ذريعن مطابق، بلوچستان ۾ ايراني ٻارڻ جي روزاني درآمد 6 لک بيرل مان گهٽجي صرف 1 لک 40 هزار بيرل رهجي وئي آهي. سرحد بند ٿيڻ کان اڳ، گوادر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 300 کان وڌيڪ وڏا آئل ڊپو، 1000 پمپ ۽ 2000 دڪانون تقريباً مڪمل طور ايراني تيل وڪرو ڪنديون هيون، جڏهن ته پاڪستاني پيٽرول وڪڻڻ وارا پمپ رڳو ٻه هئا.تنهن هوندي به گوادر جو ڊپٽي ڪمشنر، حمود الرحمن چوي ٿو ته: ”صورتحال هاڻ معمول تي اچي چڪي آهي ۽ ڪو به وڏو مسئلو ناهي.“
ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان جي سامونڊي معاملن جي ٽيڪنيڪل مشير محمد معظم خان جو چوڻ آهي ته: ”هي بحران صرف معاشي نه، پر ماحولياتي به آهي.“ انهن جو چوڻ آهي ته تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب، اوچتو ٽونا جهڙين وڏين مڇين جو شڪار بند ٿي وڃڻ، سامونڊي ماحولياتي توازن کي متاثر ڪري سگهي ٿو.معظم خان موجب، موجوده جاگرافيائي ڇڪتاڻ پاڪستان جي ساحلي ۽ اونهي سمنڊ جي ماهيگيريءَ تي سخت اثر وڌو آهي، خاص طور تي ٽونا مڇيءَ جي جنسن تي. هر سال پاڪستاني ماهيگير لڳ ڀڳ 50 کان 60 ٽن ٽونا ۽ اهڙيون ٻيون مڇيون پڪڙين ٿا، جن جو وڏو حصو سڌو سنئون ايران کي وڪرو ڪيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ اها برآمد غيرقانوني آهي، بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن تيل جي اسمگلنگ، جيڪا ان جي ابتڙ رخ ۾ ٿيندي آهي، پر سرحد پار انهن مڇين جا سٺا اگهه ملندا آهن.
معظم خان مطابق، بلوچستان جي ٽونا مڇي عام طور تي عالمي منڊين جي معيار تي پوري نٿي لهي، تنهن ڪري ايران انهن چند ملڪن مان آهي، جيڪي ان کي سٺي قيمت تي خريدڻ لاءِ تيار ٿين ٿا. ايران ۾ ٽونا مڇي جي في ڪلو قيمت 300 کان 700 رپيا (1.06 کان 2.47 آمريڪي ڊالر) تائين آهي ۽ هن برآمدي واپار جي سالياني ماليت تقريباً 1.5 ڪروڙ کان 3.5 ڪروڙ رپين (52,900 کان 123,300 آمريڪي ڊالر) جي وچ ۾ ٻڌائي وڃي ٿي.
معظم خان چوي ٿو: ”جيڪڏهن ايراني مارڪيٽ تائين رسائي نه رهي، ته سڄو ٽونا فشريز سيڪٽر تباهي جي ڪناري تي پهچي ويندو، جيڪو انهن متاثر ٿيندڙ برادرين جي آمدني ۽ روزگار ٻنهي لاءِ خطري جو باعث بڻجي ويندو.“ طاهر رشيد، بلوچستان رورل سپورٽ پروگرام جا سي اي او آهن، جيڪا صوبي جي ڳوٺاڻن غريب ۽ پوئتي پيل ماڻهن جي مدد ڪندڙ هڪ غيرسرڪاري تنظيم آهي. هو معظم خان جي ڳالهه سان سهمت آهن. انهن جو چوڻ آهي: ”بلوچستان مان گهڻو ڪري ٽونا ۽ ٻيون واپاري مڇيون ايران کي بارٽر سسٽم تحت موڪليون وينديون آهن، جتي ماهيگير پنهنجون پڪڙيل مڇيون، جن ۾ ٽونا به شامل هوندي آهي، جي بدلي ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل حاصل ڪندا آهن.“
ٽونا مڇي جي وڪري کان سواءِ، هن علائقي مان پڪڙيل ڪجهه مڇين جا الڳ ٿيل عضوا (سوئم بليڊرز) مشرقي ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيائي مارڪيٽن ۾ قيمتي خوراڪ سمجهي ويندي آهي، پر سرحد بند ٿيڻ جي ڪري تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿي چڪي آهي، جنهن سبب زميني ۽ سامونڊي ٻنهي رستن سان اچڻ وڃڻ جا خرچ وڌي ويا آهن. ان جي نتيجي ۾، هزارين ڪلوگرام قيمتي تازي مڇي وڪامڻ کان رهجي وئي آهي.گوادر جي ماهيگير خدا داد ڪريم موجب، مقامي منڊي ايتري سگهه واري ناهي، جو اضافي مال خريد ڪري سگهي ۽ خاص طور تي پري پيل سامونڊي وسندين ۾سرحد خانا (ڪولڊ اسٽوريج) جون سهولتون به تمام محدود آهن.فشر فوڪ ڪوآپريٽو سوسائٽي گوادر جي جنرل سيڪريٽري، سميع گل جو چوڻ آهي: ”مڇي پروسيسنگ ڪندڙ عورتن جي اجرتن ۾ به گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ ننڍن دڪاندارن کي وڪرو لاءِ سستي مڇي نٿي ملي.“هو وڌيڪ چوي ٿو: ”غريب ماڻهو ته ڪڪڙ يا گوشت خريد ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن، تنهنڪري جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ته اها سخت خوراڪ جي کوٽ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.“ گوادر چيمبر آف ڪامرس جي ڪلمتي جو مطالبو آهي ته وفاقي ۽ صوبي حڪومتون فوري مداخلت ڪن.
بلوچستان رورل سپورٽ پروگرام جي طاهر رشيد چوندو آهي ته جيڪڏهن صوبي ۾ ٿڌي ذخيري (ڪولڊ اسٽوريج)، کنڊ ڪرڻ (ڪيننگ) ۽ ٻين جديد بنيادي سهولتن جو بندوبست ڪيو وڃي ته ماهيگيريءَ جي صنعت کي هڪ منافعي بخش برآمدي شعبي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. ان سان بارٽر سسٽم تي انحصار گهٽ ٿيندو ۽ معيشت کي فائدو رسندو. پر هو خبردار ڪري ٿو: ”اسان کي فوري طور تي قدم کڻڻا پوندا.“ بلوچستان جي ماهيگيريءَ جي صنعت، جيڪا ڪڏهن سامونڊي معيشت جو ستون هئي، هاڻ تباهيءَ جي ڪناري تي بيٺل آهي. جيڪڏهن وقت سر ۽ هم آهنگ قدم نه کنيا ويا ته ان جا اثر صوبي جي سرحدن کان گهڻو اڳتي تائين محسوس ڪيا ويندا.