ڪراچي (رپورٽر) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني نئون ميثاق جمهوريت آڻڻ جي تجويز ڏني آهي. هن چيو آهي ته گذريل معاهدي تي نظرثاني ڪئي وڃي. نئين ميثاقِ جمهوريت ۾ 1973ع واري آئين جي بالادستي، پارليامينٽ، قانون جي حڪمراني، عدليه جيآزادي، آزاداڻين ۽ منصفاڻين چونڊن، اختيارن جي ٽن حصن (ٽرائيڪوٽومي) جي ورهاست، بلوچستان جي مسئلن، ڪي پي ۽ فاٽا سان ضم ٿيل ضلعن جي مسئلن، اندورني دهشتگردي ۽ انتظامي ۽ فوجي بيوروڪريسي جي وچ ۾ رابطي کي اهميت ڏني وڃي.