هر هنڌ لوڊشيڊنگ ڇو؟ ٿر ڪول جي سستي بجلي ۾ ”مافيا“ رڪاوٽ آهي: پ پ

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس دوران توانائي ڊويزن جي عملدارن بجلي جا 200 يونٽ خرچ ٿيڻ کان پوءِ 6 مهينن تائين وڌي ويل بلن جي معاملي تي نظرثانيڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، ڪالهه پي اي سي جو اجلاس چيئرمين جنيد اڪبر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ توانائي ڊويزن جا عملدار به شريڪ ٿيا، اجلاس دوران چيئرمين چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جا 200 يونٽ ختم ٿي وڃن ته پوءِ کيس 6 مهينن تائين وڌايل بل اچي ٿو، توانائي ڊويزن جي عملدارن اجلاس کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته 200 يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين جو انگ 1 ڪروڙ 10 لک کان وڌي 1 ڪروڙ 80 لک تائين پهچي چڪو آهي، ان جو ڊگهو مدي وارو حل اهو آهي ته 2027 تائين 200 يونٽ واري معاملي مان ٻاهر نڪري ويندو، جيڪڏهن 250 يونٽ جي حد مقرر ڪئي وڃي ته وڌيڪ سبسڊي ڏيڻي پوندي، جڏهن ته 6 مهينن تائين وڌايل بلن واري معاملي تي نظرثاني ڪري سگهجي ٿي، پي اي سي جي ميمبر شازيه مري چيو ته مان پنهنجي تڪ ۾ 16 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ڏسي آئي آهيان، جيڪڏهن واقعي ڪا بهتري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته حالتون بهتر ڇو نٿيون ٿين؟ جيڪڏهن ملڪ ۾ اضافي بجلي موجود آهي ته پوءِ هر هنڌ لوڊشيڊنگ ڇو پئي ڪئي وڃي؟ سانگهڙ ۾ ايڏي لوڊشيڊنگ ڇو ٿي رهي آهي، جڏهن ته ٿر جي ڪوئلي سان سستي بجلي ٺاهڻ جو ڪم ڪيترن ئي سالن تائين مافيا جي دٻاءَ سبب روڪيو ويو، اسان ساهيوال ڪوئلي جي پاور پلانٽ تي احتجاج ڪيو هو، پر اڄ پاڻ ئي تسليم ڪريو پيا ته اها بيوقوفي هئي، ان تي سيڪريٽري پاور جواب ڏيندي چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان ملڪ کي سڀ کان سستي بجلي ملي رهي آهي، ۽ وڌيڪ پاور پلانٽس هلائڻ لاءِ ٿر جي ڪوئلي کي استعمال ڪرڻ تي ڪم جاري آهي، ٿر جي ڪوئلي کي ٻين پاور پلانٽس تائين پهچائڻ لاءِ ريلوي ٽريڪ وڇايو ويندو، جامشورو پاور پلانٽ کي به ٿر جي ڪوئلي تي منتقل ڪيو ويندو، ايندڙ 10 سالن ۾ درآمدي (فيول) تي ڪو به نئون پاور پلانٽ نه لڳايو ويندو، صنعتي ۽ ڪمرشل صارفين تي ڪراس سبسڊي جو بار گهٽ ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، سيڪريٽري پاور ڊويزن چيو ته حڪومت پروٽيڪٽيڊ صارفين واري ڪيٽيگري ختم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، مستقبل ۾ بي آءِ ايس پي (بينظير انڪم سپورٽ پروگرام) جي بنياد تي مستحق صارفين جي سڃاڻپ ڪئي ويندي، جڏهن ته 2027 کان غريب بجلي صارفين کي نقد رقم جي صورت ۾ سهائتا ڏني ويندي، ان تي ڪميٽي جي ميمبر عمر ايوب چيو ته حڪومت کي آءِ ايم ايف ڏانهن ڏسڻ جي بدران پاڻ فيصلو ڪرڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.