پي ٽي آءِ پهرين مرحلي جو اعلان ڪري ڇڏيو، لانگ مارچ شروع

پشاور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف لڪي مروت کان صوابي تائين لانگ مارچ جي پهرين مرحلي جو اعلان ڪري ڇڏيو، في الحال اسلام آباد وڃڻ جو ڪو منصوبو ظاهر ناهي ڪيو ويو.

ذريعن موجب خيبرپختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي لڪي مروت لاءِ روانو ٿي ويو آهي، جتان هو لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪندو.

ڊيرا اسماعيل خان مان اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ قافلو لڪي مروت لاءِ روانو ٿيندو، جنهن لاءِ الامين هائوس ٻاهران گاڏيون پهچي ويون آهن.

علي امين گنڊاپور جي ترجمان فراز احمد مغل چيو آهي ته لانگ مارچ ۾ شرڪت لاءِ هزارين ڪارڪن قافلي جو حصو بڻجي رهيا آهن. علي امين خان گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ قافلو لڪي مروت روانو ٿيندو، جڏهن ته قافلي ۾ فيصل آمين گنڊاپور، عمر آمين گنڊاپور ۽ پارٽي جا ٻيا اڳواڻ پڻ شامل آهن.

خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي پيغام موجب لانگ مارچ جو پهريون مرحلو اڄ 4 آڪٽوبر تي منجهند هڪ وڳي لڪي مروت جي گنڊي چوڪ کان شروع ٿيندو، جتي مختلف ضلعن مان ايندڙ قافلا شامل ٿيندا.

علي امين گنڊاپور لانگ مارچ شروع ٿيڻ کان اڳ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته اسان پرامن احتجاج ۽ پرامن آئيني جدوجهد کي اڳتي وڌائينداسين. اسلام آباد وڃڻو آهي يا نه، ان جو فيصلو قيادت ڪندي، جيڪو حڪم ملندو ان تي عمل ڪنداسين.

هن چيو ته وڏي وزير واضح ڪيو آهي ته لٺ کڻي ايندڙ شخص اسان مان ناهي، ڪو به ڪارڪن لٺ نه کڻندو. في الحال اهو ئي حڪم آهي، اڳتي جا سمورا معاملا ايندڙ حڪمن موجب طئي ٿيندا. ڪو به ڪارڪن پٿراءُ نه ڪندو، اهو واضح حڪم آهي. جيڪو شخص ٽڪراءُ ڪندو يا قانون هٿ ۾ کڻندو، اهو اسان مان ناهي.

اعلان موجب آچر 4 آڪٽوبر تي منجهند هڪ وڳي ٽانڪ، ڊيرا اسماعيل خان، ڏکڻ وزيرستان، اتر وزيرستان، بنون ۽ لڪي مروت جا قافلا گنڊي چوڪ، لڪي مروت وٽ لانگ مارچ ۾ شامل ٿيندا، جڏهن ته رات جو قافلي جو قيام ڪرڪ ڀرسان ڪيو ويندو.

سومر 5 آڪٽوبر تي منجهند 12 وڳي ڪرڪ جا ماڻهو پڻ لانگ مارچ ۾ شامل ٿيندا ۽ قافلو ساڍي 12 وڳي اتان روانو ٿيندو، جڏهن ته رات جو قيام ڪوهاٽ ڀرسان ڪيو ويندو.

You might also like