پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ انصاف جي قيادت کي دهشتگردي خلاف رياست جو ساٿ نه ڏيڻ تي خبردار ڪري ڇڏيو.
هڪ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف دهشتگردي خلاف وفاق جو ساٿ نه ڏنو ته پوءِ شايد خيبرپختونخوا ۾ هنگامي حالت لاڳو ڪرڻ يا گورنر راڄ طرف وڃڻو پوي.
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا ۾ هر ٻئي ڏينهن دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن، پر تحريڪ انصاف جو ڌيان سياست تي آهي. هن چيو ته اسان نٿا چاهيون ته خيبرپختونخوا ۾ هنگامي حالت لاڳو ڪري دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻو پوي.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته تحريڪ انصاف جو احتجاج وڏي حد تائين ڪامياب ٿي چڪو آهي ۽ اسلام آباد 10 ڏينهن کان بند پيل آهي.
هن صلاح ڏني ته هاڻي تحريڪ انصاف ڊگهو مارچ ختم ڪري معاملي جو سياسي حل ڪڍي ۽ سياسي بحران کي قومي مفاد کان ڌار رکي.