ڪراچي ايئرپورٽ تان دبئي ويندڙ عورت مسافر کان غيرقانوني پرڏيهي ڪرنسي هٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪسٽم عملدارن ڪراچي هوائي اڏي تي ڪارروائي ڪندي عورت مسافر کان هڪ ڪروڙ 18 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪري ورتي.

ڪسٽم عملدارن موجب عورت مسافر دبئي ويندڙ خانگي اڏام ذريعي سفر ڪري رهي هئي، جنهن ڪرنسي بابت غلط ڄاڻ ۽ غلط پڌرائي ڪئي.

سامان جي تلاشي دوران 33 هزار 600 آمريڪي ڊالر، 300 يورو، 2 هزار 570 برطانوي پائونڊ ۽ 19 هزار 815 گڏيل عرب امارتن جا درهم هٿ ڪيا ويا.

عملدارن موجب ضبط ڪيل ڪرنسي جي پاڪستاني رپين ۾ ماليت هڪ ڪروڙ 18 لک رپيا آهي. غلط پڌرائي تي ڪرنسي ڪسٽم قانون 1969ع تحت ضبط ڪري عورت خلاف وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي.

You might also like