پشاور(ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وچ ۾ گورنر هائوس پشاور ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ صوبي کي دهشتگردي کان بچائڻ لاءِ آئيني ڪردار ادا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ملاقات ۾ صوبي جي امن امان واري صورتحال، سياسي صورتحال ۽ پي ٽي آءِ جي ڊگهي مارچ تي غور ڪيو ويو. چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پڻ موجود هئا.
جاري ڪيل بيان موجب فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ محسن نقوي اتفاق ڪيو ته جيڪڏهن صدر ۽ وزيراعظم گورنر راڄ يا هنگامي حالت ضروري سمجهن ته گورنر هائوس پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪندو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي ڊگهي مارچ لاءِ سرڪاري هيليڪاپٽر يا سرڪاري وسيلا استعمال ڪرڻ عدالتي فيصلن جي ڀڃڪڙي هوندي.