هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا انجلينا جولي غزه ۾ تباهي جون سيٽلائيٽ تصويرون شيئر ڪندي اتي جي صورتحال تي ٻيهر آواز اٿاريو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي انجلينا جولي غزه جي تباهي کان اڳ ۽ هاڻوڪين سيٽلائيٽ تصويرن سان گڏ گڏيل قومن جا انگ اکر به شيئر ڪيا ۽ غزه جي رهواسين لاءِ انساني امداد وڌائڻ تي زور ڏنو.
هن چيو ته غزه جا ڪيترائي علائقا ملبي ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته گهرن، اسڪولن، اسپتالن، رستن ۽ بنيادي سهولتن کي سخت نقصان پهتو آهي. گڏيل قومن موجب غزه جون 82 سيڪڙو عمارتون متاثر ٿيون آهن ۽ ٻن ٽن حصن کان وڌيڪ عمارتون مڪمل طور تباهه ٿي چڪيون آهن.
انجلينا جولي چيو ته سردي اچڻ کان اڳ غزه جي 94 سيڪڙو ماڻهن کي رهائش ۽ ضروري سامان جي ضرورت آهي، پر انساني امداد ۽ خيمن جو سامان اڃا تائين دير جو شڪار آهي.
هن چيو ته سيٽلائيٽ تصويرن مان تباهي جو اندازو ته لڳائي سگهجي ٿو، پر بچي ويل خاندانن جي ذهني اذيت ۽ صدمي جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي.