ڪراچي: سمامونڊي ڌاڙيلن جي حملي ۾ مارجي ويل پاڪستانين جا لاش ۽ زخمي اڄ وطن پهچندا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)صوماليا ۾ سامونڊي ڌاڙيلن جي حملي ۾ مارجي ويل پاڪستانين جا لاش ۽ زخمي اڄ شام وطن واپس آندا ويندا.

صوماليا ۾ پاڪستاني سفارتخاني پرڏيهي وزارت کي آگاهه ڪيو آهي ته حملي ۾ مارجي ويل جهاز جي ٻئي آفيسر ڪاشف عمر، ٽئين انجنيئر محمود انصاري ۽ بوائلر هلائيندڙ جا لاش اڄ شام 4 وڳي پاڪستان پهچندا.

جهاز جي زخمي عملي جا 4 ڄڻا، ياسر خان، عقيل خان، عثمان غني ۽ شمس امين پڻ اڄ شام اٿيوپين ايئرلائن جي اڏام 694 ذريعي ڪراچي پهچندا.

سنڌ جو گورنر نهال هاشمي پاڪستان حڪومت جي نمائندگي ڪندي ڪراچي هوائي اڏي تي جهاز جي عملي جي آجيان ڪندو. لاشن ۽ زخمين جي منتقلي لاءِ ايمبولينسن سميت سمورا انتظام مڪمل رکڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

You might also like