حڪومت ڄاڻي واڻي ڳالهيون ناڪام ڪيون، حالتون خراب ٿيون ته ذميوار پاڻ هوندا: پي ٽي آءِ ڪي پي جو ترجمان

پشاور(ويب ڊيسڪ)تحريڪ انصاف خيبرپختونخوا جي ترجمان شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته حڪومت ڳالهين ۾ رنڊڪ وجهي مايوس ڪيو، هاڻي حالتون خراب ٿيون ته ذميوار حڪومت هوندي.

شوڪت يوسفزئي چيو ته ملڪ کي دهشتگردي ۽ معاشي ڏکيائين مان ڪڍڻ لاءِ حڪومت کي لچڪ ڏيکارڻ گهرجي ها، پر ضد ۽ انا سان ملڪ نٿا هلائي سگهجن. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ هنگامي حالت يا گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ سان حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون.

هن چيو ته تحريڪ انصاف جا مطالبا آئيني ۽ قانوني آهن، باني پي ٽي آءِ سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ صوبائي حڪومت سان گڏجي حڪمت عملي جوڙي وڃي.

شوڪت يوسفزئي چيو ته تحريڪ انصاف جو ڊگهو مارچ اڄ کان شروع ٿيندو ۽ مطالبا منظور ٿيڻ تائين جاري رهندو.

You might also like