ترقي يافتا ملڪ موسمياتي تبديلين بابت واعدا پورا ڪن: احسن اقبال

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير منصوبابندي احسن اقبال ترقي يافته ملڪن کان ماحولياتي واعدا پوري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ موسمياتيتبديلي بابت تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته موسمياتي تبديلي ڪو مفروضو ناهي، اها هاڻي هڪ ڊيڄاريندڙ حقيقت بڻجي چُڪي آهي. هن چيو ته گليشيئرن جو ڳرڻ سنڌو درياءَ جي آبي نظام کي انتهائي خطرناڪ صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ۽ پاڪستان ۾ گليشيئرز جي ڳرڻ جي رفتار گذريل 60 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي۔ منصوبابندي واري وزير ترقي يافته ملڪن کان ماحولياتي واعدن جي پوري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته متاثر ملڪن لاءِ ساليانو 100 ارب ڊالر جي فراهمي ڪا خيرات ناهي، اها ماحولياتي انصاف جي گهر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.