لاهور/سرگوڌا(بيورو/ م ڊ) 9 مئي واقعن جي ڪيسن ۾ شاهه محمود قريشي کي آجو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ احمد بڇر، ياسمين راشد سميت 37 ڄڻن کي قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. سرگوڌا ۾ دهشت گردي جي روڪٿام واري عدالت، 9 مئي 2023 تي ميانوالي ۾ ٿيل احتجاج واري ڪيس ۾ پنجاب اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ ملڪ احمد بڇر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر احمد چٺا سميت پي ٽيآءِ جي 32 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي 10،10 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي، عدالت، 9 مئي 2023 جي واقعي سان لاڳاپيل ميانوالي جي ٿاڻي موسيٰ خيل ۾ داخل ڪيس نمبر 72 جو فيصلو ٻڌايو، سزا ماڻيندڙن ۾ اڳوڻو ايم اين اي بلال اعجاز به شامل آهي، جوابدارن تي پرتشدد احتجاج، باهيون ڏيڻ ۽ ٻين سنگين الزامن تحت ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، ٻئي پاسي ملڪ احمد بڇرميڊيا سان ڳالهائيندي عدالتي فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته عدالت سياسي بنيادن تي داخل ڪيل ڪيس جو بغير قانوني ضابطا پورا ڪيا، آئين جي خلاف فيصلو ڏنو آهي. لاهور جي دهشت گردي جي روڪ واري عدالت 9 مئي تي شيرپائو پل واري ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي بري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمود الرشيد ۽ ٻين جوابدارن کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمود الرشيد، عمر سرفراز چيمه، اعجاز چوڌري ۽ افضل عظيم پاهٽ کي 10، 10 سال قيد جي سزا ڏني وئي.ان کان علاوه حمزه عظيم پاهٽ، رانا تنوير، ۽ اعزاز رفيق کي ڪيس مان بري ڪيو ويو.